چين ۽ آمريڪا وچ ۾ ٽيرف ۾ گهٽتائي ٻه طرفي واپار ۽ عالمي اقتصادي بحالي لاءِ لاڀائتي آهي: چين جو ترجمان

بيجنگ – 19 مئي (اي پي پي) چين چيو آهي ته چين ۽ آمريڪا وچ ۾ ٽيڪسن ۾ نمايان گهٽتائي واپاري ترقي ۽ عالمي اقتصادي بحالي لاءِ فائديمند آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه چين جي قومي شمارياتي اداري جي ترجمان پريس ڪانفرنس دوران چئي. هن چيو ته موجوده عالمي ماحول منجهيل ۽ سنگين آهي، هڪ طرفي ۽ مقامي ڪاروبار کي تحفظ ڏيڻ ۾ اضافو عالمي اقتصادي ۽ واپاري نظام …

بيجنگ – 19 مئي (اي پي پي) چين چيو آهي ته چين ۽ آمريڪا وچ ۾ ٽيڪسن ۾ نمايان گهٽتائي واپاري ترقي ۽ عالمي اقتصادي بحالي لاءِ فائديمند آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه چين جي قومي شمارياتي اداري جي ترجمان پريس ڪانفرنس دوران چئي. هن چيو ته موجوده عالمي ماحول منجهيل ۽ سنگين آهي، هڪ طرفي ۽ مقامي ڪاروبار کي تحفظ ڏيڻ ۾ اضافو عالمي اقتصادي ۽ واپاري نظام لاءِ سنگين چئلينجز ۽ عالمي اقتصادي ترقي جي رستي ۾ رڪاوٽ آهي پر برابري جي بنياد تي فائدي لاءِ عالمي سهڪار جي رجحان ۾ ڪا تبديلي نه ايندي. هن چيو ته پرڏيهي واپار جي ترقي کي مسلسل اڳتي وڌايو پيو وڃي ۽ پرڏيهي واپار کي ترقي ڏيڻ جي پاليسين جا مسلسل نتيجا نڪري رهيا آهن جيڪي پرڏيهي واپار جي مستحڪم ترقي کي جاري رکندا.