عالمي واپار ۽ لاجسٽڪس ۾ پاڪستان اسٽريٽجڪ ڪردار ادا ڪري رهيو آهي: سفير فيصل نياز ترمذي

دبئي-17 مئي (اي پي پي) گڏيل عرب امارتن ۾ پاڪستان جي سفير فيصل نياز ترمذي چيو آهي ته عالمي واپار ۽ لاجسٽڪس ۾ پاڪستان اسٽريٽجڪ ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، عالمي رابطن ۾ دبئي انٽرنيشنل ايئرپورٽ ۽ جبل علي پورٽ اهميت وارا آهن. اهڙو اظهار هن 18-15 مئي 2025ع تي دبئي ۾ منعقد ٿيل 12 هين گلوبل لاجسٽڪ الائنس (جي ايل اي) گلوبل ڪانفرنس کي خطاب دوران ڪيو. جي ايل …

دبئي-17 مئي (اي پي پي) گڏيل عرب امارتن ۾ پاڪستان جي سفير فيصل نياز ترمذي چيو آهي ته عالمي واپار ۽ لاجسٽڪس ۾ پاڪستان اسٽريٽجڪ ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، عالمي رابطن ۾ دبئي انٽرنيشنل ايئرپورٽ ۽ جبل علي پورٽ اهميت وارا آهن. اهڙو اظهار هن 18-15 مئي 2025ع تي دبئي ۾ منعقد ٿيل 12 هين گلوبل لاجسٽڪ الائنس (جي ايل اي) گلوبل ڪانفرنس کي خطاب دوران ڪيو. جي ايل اي جي صدر گريس سن تقريب ۾ سندس والهاڻو استقبال ڪيو. گذريل ڏينهن دبئي کان مليل پريس رليز موجب تقريب کي خطاب ڪندي فيصل نياز ترمذي عالمي واپار ۽ لاجسٽڪس جي مرڪز طور دبئي جي اهم ڪردار تي زور ڀريندي چيو ته عالمي رابطن ۾ دبئي انٽرنيشنل ايئرپورٽ ۽ جبل علي پورٽ اهم ڪردار رکندڙ آهن. هن وچ اوڀر سميت ڏکڻ ايشيا، وچ ايشيا ۽ اولهه ايشيا جي سرحد تي پاڪستان جي اسٽريٽجڪ مقام تي به روشني وڌي. هن چيو ته پاڪستان سڄي خطي ۾ رابطن ۽ تعاون جو هڪ اهم ڪوريڊور بڻجڻ لاءِ تيار اهي. هن پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارتن وچ ۾ گهري اقتصادي ۽ سفارتي لاڳاپن کي به اجاگر ڪيو ۽ يو اي اي جي ڪمپمنين سميت ڊي پي ورلڊ ۽ اي ڊي پورٽس جي پاڪستان ۾ فريڊ ڪوريڊورز ۽ بندرگاهن جي ترقياتي منصوبن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ تي ان جي ساراهه ڪئي. ڪانفرنس جي ٻين مقررن ۾ ايڇ ايڇ انجنيئر شيخ سالم بن سلطان القاسمي ۽ ٻيا شامل هئا. ڪانفرنس جي موقعي تي پاڪستاني سفير ۽ جي ايل اي جي صدر گريس سن جي ايل اي فريم ورڪ تحت پاڪستان ۾ علائقائي نيٽ ورڪنگ ڪانفرنس جي بندوبست جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي ڏکڻ ۽ وچ ايشيائي لاجسٽڪ اسٽيڪ هولڊرز جي شموليت تي خاص ڌيان ڏنو ويو. فيصل نياز ترمذي سمارٽ، موثر ۽ پائيدار لاجسٽڪ انفرا اسٽرڪچر جي ترقي ۽ خاص طور چين پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) جي تبديلي جي قدمن ذريعي عالمي حصيدارن سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجايو.