واشنگٽن-16 مئي (اي پي پي) آمريڪي دفاعي تجزيه ڪار ڪرسٽين فيئر پاڪستاني جهاز ڪيرائڻ جي ڀارتي دعويٰ کي بي بنياد قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب دي وائر جي هڪ پروگرام ۾ ڀارتي صحافي ڪرن ٿاپر سوال ڪيو ته ڀارتي ايئرفورس جي ڊي جي ملٽري آپريشنز پاڪستان جا ڪيترائي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي ۽ چيو ته هن وٽ انگ آهي پر هو ٻُڌائڻ نٿو چاهي، ان کي …
پاڪستاني جهاز ڪيرائڻ جي ڀارتي دعويٰ بي بنياد آهي: آمريڪي دفاعي تجزيه ڪار

مزید خبریں
واشنگٽن-16 مئي (اي پي پي) آمريڪي دفاعي تجزيه ڪار ڪرسٽين فيئر پاڪستاني جهاز ڪيرائڻ جي ڀارتي دعويٰ کي بي بنياد قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب دي وائر جي هڪ پروگرام ۾ ڀارتي صحافي ڪرن ٿاپر سوال ڪيو ته ڀارتي ايئرفورس جي ڊي جي ملٽري آپريشنز پاڪستان جا ڪيترائي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي ۽ چيو ته هن وٽ انگ آهي پر هو ٻُڌائڻ نٿو چاهي، ان کي اوهان ڪيئن ڏسو ٿا؟ جواب ۾ ڪرسٽين فيئر چيو ته هو ان کي هڪ بي بنياد دعويٰ سمجهي ٿو ڇاڪاڻ ته ان جي ڪا تصديق ناهي ڪئي وئي. آمريڪي دفاعي تجزيه ڪار ڀارتي ميڊيا طرفان پاڪستان جي 20 سيڪڙو ايئر فيلڊز کي نقصان پهچائڻ جي به تصديق ڪئي. ڪرن ٿاپر ڀارتي فضائيه جي ڊي جي آف ايئر آپريشنز ايئر مارشل جي ان دعويٰ بابت آمريڪي دفاعي تجزيه ڪار سوال ڪيو ته ڀارتي فضائيه پاڪستاني جهازن کي نه اڻڄاڻ انگ کي ڪيرايو هو. هن ”چڪلاله، رحيم يار خان، سرگوڌا، جيڪب آباد ۽ ٻولهاڙي“ ۾ پاڪستاني فضائي اڏن جي ”سيٽلائيٽ اميجز“ جو به حوالو ڏنو. ان جي جواب ۾ ڊاڪٽر فيئر ان دعويٰ کي واضح طور تي رد ڪندي چيو ته وڏي پيماني تي تباهيءَ جو ڪو ثبوت ناهي. هن چيو ته هو ان دعويٰ تي حيران آهي ته پاڪ فضائيه جي 20 سيڪڙو ايئر فيلڊز کي نقصان پهچايو ويو آهي. مون اهو ڪڏهن ناهي ٻُڌو. اها ڪافي حيران ڪندڙ دعويٰ آهي ۽ يقينن غلط آهي.











