آمريڪي ڪمپنين جي ايران ۾ سيڙپڪاري تي ڪو به اعتراض ناھي، آمريڪا اقتصادي پابنديون ختم ڪري: ايران جو پرڏيھي وزير

تھران - 16 مئي (اي پي پي) ايران جي پرڏيھي وزير عباس عراقچي چيو آھي ته آمريڪي ڪمپنين جي ايران ۾ سيڙپڪاري تي ڪو به اعتراض ناھي، تيل ۽ گيس جھڙي اھم شعبن ۾ ڪم ڪرڻ چاھين ته پوءِ به راه ھموار ڪري سگھجي ٿي، پر آمريڪا پاران لاڳو ڪيل اقتصادي پابنديون ختم ڪيون وڃن. پرڏيھي ميڊيا مطابق ھن چيو ته اسان آمريڪي ڪمپنين جي ايران ۾ اقتصادي سرگرمين تي …

تھران – 16 مئي (اي پي پي) ايران جي پرڏيھي وزير عباس عراقچي چيو آھي ته آمريڪي ڪمپنين جي ايران ۾ سيڙپڪاري تي ڪو به اعتراض ناھي، تيل ۽ گيس جھڙي اھم شعبن ۾ ڪم ڪرڻ چاھين ته پوءِ به راه ھموار ڪري سگھجي ٿي، پر آمريڪا پاران لاڳو ڪيل اقتصادي پابنديون ختم ڪيون وڃن. پرڏيھي ميڊيا مطابق ھن چيو ته اسان آمريڪي ڪمپنين جي ايران ۾ اقتصادي سرگرمين تي ڪا به پابندي ناھي لڳائي، انھن جي غير موجودگي جو اصل سبب پابنديون آھن جيڪي آمريڪا پاڻ اسان تي لاڳو ڪيون آھن. ھن واضح ڪيو ته اصل رڪاوٽ اھي سخت اقتصادي پابنديون آھن جيڪي آمريڪي حڪومت طرفان ايراني معيشت ۽ اتي سيڙپڪاري ڪرڻ وارن ماڻھن ۽ ادارن تي لڳايون ويون آھن. ايران جي پرڏيھي وزير چيو ته جيڪڏھن آمريڪا جون ڪمپنيون ايران جي معيشت ۾ دلچپسي رکن ٿيون ته انھن کي گھرجي ته آمريڪا انھن پابندين کي ختم ڪري ته جيئن اھا راه ھموار ڪري سگھجي. اھو بيان اھڙي وقت ۾ سامھون آيو آھي جڏھن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا ۽ ايران وچ ۾ ايٽمي معاھدن تي نئين سر ڳالھين جون چار ڪوششون ٿي چڪيون آھن. انھن ڳالھين جو مقصد 2015ع جي تاريخي ايٽمي معاھدي جي جڳھه تي ھڪ نئون معاھدو طئي ڪرڻ ھو. ٽرمپ بار بار ايران کي خبردار ڪري چڪو آھي ته جيڪڏھن ڳالھايون ناڪام ٿيون ته ھو عسڪري ڪارروائي جو به رستو اختيار ڪري سگھي ٿو. گذريل ھفتن دوران آمريڪا جي انتظاميا ايران جي تيل صنعت، ميزائل ۽ ايٽمي پروگرام سان لاڳاپيل ڪيترن ئي ادارن ۽ ماڻھن تي پابنديون لڳايون آهن.