اسلام آباد-08 مئي (اي پي پي) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزير خالد حسين مگسي ڀارتي اڳرائيءَ جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ڀارت هٿين خالي شهرين خاص طور تي ٻارن ۽ عورتن کي نشانو بنائي بزدليءَ جو مظاهرو ڪيو آهي. پاڪستان پنهنجي بچاءُ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿو ۽ اسان پنهنجي سرحدن جي بچاءُ ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي نه ڪنداسين. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت مان جاري بيان مطابق اهڙو اظهار هن الڪوثر انٽرنيشنل اسپتال جي افتتاح جي موقعي تي ڪيو. خالد حسين مگسي چيو ته پاڪستاني قوم پنهنجي فوج سان گڏ بيٺل آهي ۽ هر قربانيءَ لاءِ تيار آهي. وفاقي وزير اسپتال جي بنيادي مقصد کي اجاگر ڪندي چيو ته الڪوثر اسپتال جو مقصد عوام کي معياري ۽ سستي طبي سهولت فراهم ڪرڻ آهي. هن چيو ته اسپتال ۾ جديد ترين اوزارن سميت ماهر ڊاڪٽرن جي ٽيم موجود هوندي ته جيئن مريضن کي بهترين علاج فراهم ڪري سگهجي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جو عزم مضبوط آهي، اسان پنهنجي سرحدن جي حفاظت ڪرڻ لاءِ هميشه تيار رهنداسين. پاڪستان پنهنجي خودمختياري جي بچاءُ لاءِ ڪنهن به قربانيءَ کان نه ڪيٻائيندو. هن چيو ته پاڪستان جي فوج هر محاذ تي دشمن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهي ۽ قوم هميشه پنهنجي فوج سان گڏ بيٺل آهي.