اسلام آباد-08 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ مختلف سياسي پارٽين جي ميمبرن ڀارتي جارحيت جي ڀرپور مذمت ڪندي چيو آهي ته سڄي قوم متحد ۽ پنهنجي فوج سان گڏ بيٺل آهي، پاڪستان جي هٿياربند فوج ڀارتي جارحيت جو جهڙي طريقي سان مقابلو ڪيو آهي اهو واکاڻ جوڳو آهي، حڪومت، فوجي قيادت ۽ سفارتڪارن سڄي دنيا ۾ پاڪستان کي هڪ ذميوار رياست طور پيش ڪيو آهي، ميمبرن ڀارتي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جي حمايت ڪندي چيو ته پوري پاڪستاني قوم جي خواهش آهي ته ڀارتي جارحيت جو ڀرپور جواب ڏيڻ گهرجي. پهلگام حملي جو پاڪستان سان تعلق ڳنڍڻ جي بي بنياد ڪوششن ۽ ڀارت طرفان سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪندي ان کي غير قانوني ۽ هڪطرفي معطل ڪرڻ جي اعلان ۽ پاڪستان جي مختلف شهرن تي رات جي اونداهي ۾ بزدلاڻي حملي سان پيدا ٿيل صورتحال تي بحث ۾ حصو وٺندي رياض فتيانه چيو ته هن وقت قومي يڪجهتي ۽ اقتصادي طور تي پاڻ کي مضبوط ڪرڻو آهي، سفارتي محاذ تي به اسان کي پنهنجي ڪارڪردگي ۾ بهتري آڻڻ گهرجي، گڏيل قومن ۾ پاڪستاني نمائندي بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج خاص ڪري پاڪ فضائيه هاڻوڪي ڀارتي جارحيت خلاف بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو آهي جنهن تي اسان ۽ سڄي قوم پاڪ فضائيه کي مبارڪون ڏيون ٿا. انجم عقيل خان چيو ته جڏهن ته ملڪ تي مشڪل وقت آيو آهي قوم اتفاق ۽ اتحاد جو مظاهرو ڪيو آهي. ڀارت جا پنهنجا ماڻهو هاڻي مودي کي دهشتگرد ۽ امن ۽ ترقي جو دشمن چئي رهيا آهن. هن چيو ته جڏهن کان پاڪستان ٺهيو آهي اهو ڀارت کي هضم ناهي ٿي رهيو آهي، نريندر مودي هاڻي موذي بڻجي چڪو آهي. مان سڄي هٿياربند فوج کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو جنهن دوکي باز دشمن جو ايمان جي قوت سان ڀرپور مقابلو ڪيو، ڀارت ڪڏهن پلوامه ۽ ڪڏهن پهلگام واقعي جي آڙ ۾ پاڪستان خلاف جارحيت جو مظاهرو ڪري رهيو آهي. پي پي پي جي سيد حسين طارق چيو ته دين زبردستي جنگ مڙهڻ تي پوري قوت سان مقابلو ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي، پاڪستان پهلگام واقعي جي ڀرپور مذمت ڪئي ۽ ڀارت کي عالمي جاچ ۾ سهڪار جي آڇ ڪئي پر ڀارت پاڪستان جي ذميواراڻي موقف ۽ طرز عمل جو جواب ناهي ڏنو. ڀارت کي پنهنجي طاقت تي غرور هو پر هن پاڪستان جي ڀرپور دفاعي ڪارروائي سندس غرور مٽي ۾ ملائي ڇڏيو. جيڪڏهن ڀارت سمجهي ٿو ته پاڪستان جي فوج ڳڻپ جي لحاظ کان گهٽ آهي ته اها سندس ڀُل آهي. سڄي 25 ڪروڙ پاڪستاني عوام پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي، اسان ملڪ جي دفاع لاءِ جان ڏيڻ کان ڪڏهن به پوئتي نه هٽنداسين. حامد حسين چيو ته ڀارتي جارحيت خلاف پوري قوم متحد آهي، انشاءُ الله جهڙي طرح دشمن کي ناڪامي جو منهن ڏسڻو پيو آهي ۽ سر جو جواب پٿر سان پيو آهي، هو آئنده اهڙي طرح جون بزدلاڻيون ڪارروايون ڪرڻ جي جرئت نه ڪندو. هن چيو ته ستن سال جي شهيد ارتضيٰ جي جنازي ۾ صدر، وزيراعظم ۽ آرمي چيف سميت اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي ۽ اهو پيغام ڏنو ته اسان متحد آهيون. عمير نيازي بحث ۾ حصو وٺندي هن چيو ته پاڪ فضائيه ڀارتي جارحيت دوران شهيد راشد منهاس جي روايتن کي زنده ڪيو آهي، ڀارت جي هاڻوڪي جارحيت جو ڀرپور جواب ڏيڻ گهرجي، مودي بي لغام ٿي رهيو آهي ۽ ان کي لغام ڏيڻ وقت جي ضرورت آهي. ايم ڪيو ايم جي خواجه اظهار الحسن بحث ۾ حصو وٺندي چيو ته حڪومت، عسڪري قيادت ۽ اسان جي سفارتڪارن سڄي دنيا ۾ پاڪستان کي هڪ ذميوار رياست طور پيش ڪيو آهي، هن چيو ته پاڻي جي روڪڻ جي منصوبي کي ايڪٽ آف وار طور تي تسليم ڪرڻ گهرجي. 2016ع ۾ مودي پنهنجي ناپاڪ ارادن جو اظهار ڪيو هو، اڄ اسان کي مودي کي ٻڌائڻ گهرجي ته جيڪڏهن هو چاهي ٿو ته ٺيڪ آهي پاڻي ۽ رت گڏ وهي سگهن ٿا. هن چيو ته مودي بابري مسجد جي طرز تي پاڪستان ۾ مسجدن کي نشانو بڻايو آهي، پاڪستان عالمي ميڊيا کي متاثر علائقن جو دورو ڪرائي بهترين قدم کنيو آهي، اڄ آپريشن سيندور آپريشن وڌوا ۾ تبديل ٿي چڪو آهي. هن چيو ته مخالف ڌر اڳواڻ کي ذميواري جو مظاهرو ڪندي ذميواراڻو طرز عمل ڏيکارڻ جي ضرورت آهي، ان کي ڀارتي دهشتگردي ۽ ڀارت ۾ هلندڙ تحريڪن جو به ذڪر ڪرڻ گهرجي ها. هن چيو ته هاڻي ڀارت جي امن پسندن لاءِ پڻ امتحان جو وقت آهي ته انهن کي هڪ جمهوري ۽ سيڪيولر يا مودي جي انتهاپسنداڻي هندو پرست نظريي جو ڀارت گهرجي. مودي رافيل جهازن ۾ اهڙن ماڻهن کي ويهاريو آهي جيڪي گڏهه تي ويهارڻ جي به قابل ناهن. کينل داس چيو ته پهلگام جي آڙ ۾ مودي طرفان جهڙي طرح اسلام ۽ مسلمانن کي نشانو بڻايو ويو آهي ۽ جهڙي طرح ٽن مسجدن تي حملا ڪيا ويا آهن، هڪ پاڪستاني طور ۽ محب وطن هندو ان جي شديد مذمت ڪريان ٿو، مودي خطي ۾ ٻن مذهبن وچ ۾ فرق پيدا ڪري امن لاءِ خطرا پيدا ڪري رهيو آهي، دهشتگردي جو ڪنهن مذهب يا عقيدي سان تعلق ناهي. گجرات ۽ والاريل ڪشمير ۾ مودي جيڪو به ڪجهه ڪيو آهي اها دهشتگردي آهي. هن چيو ته امن جي ڳالهه ڪرڻ اسان جي ڪمزوري ناهي، پاڪستان دهشتگردي جو شڪار رهيو آهي ۽ ان سبب اسان 90 هزار جانين جي قرباني ڏني آهي. هن چيو ته مودي راوڻ آهي ۽ جنگ ارجن ڪري ٿو ۽ راوڻ ڪڏهن به جنگ ناهي ڪندو، پاڪستان جون اقليتون پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهن. جمشيد دستي چيو ته ڀارت مختلف دورن ۾ پاڪستان خلاف غنڊه گردي ڪندو پيو وڃي، مودي کي ان جي زبان ۾ جواب ڏيڻ گهرجي. خورشيد جوڻيجو چيو ته ڀارت ڪڏهن به پاڪستان کي دل سان تسليم ناهي ڪيو، مودي انتهاپسند، هندو پرست نظريي تحت سياست ڪئي آهي، مسلمانن ۽ پاڪستان مخالف مودي جي سياست جو بنياد آهي. احمد سليم صديقي چيو ته انتهاپسند ڀارت هڪ ڀيرو ٻيهر رات جي اونداهي ۾ بزدلاڻو حملو ڪيو آهي جنهن جو پاڪ فوج ڀرپور جواب ڏنو آهي، پاڪستاني قوم قومي يڪجهتي جو لازوال مظاهرو ڪيو آهي جيڪو واکاڻ جوڳو آهي. ڀارت ڪشمير تي غير قانوني قبضي جو ڪو به جواز نٿو رکي، مودي کي ڪشمير جي محاذ تي بدترين شڪست ٿي آهي. انور تاج چيو ته ڀارتي بزدلاڻين ڪاررواين خلاف سڄي قوم شيهي جي ڀت بڻجي وئي آهي، ڀارت خلاف سڄي قوم متحد آهي، ڀارت مسجدن ۽ مدرسن کي نشانو بڻائي معصوم پاڪستانين کي شهيد ڪيو آهي جيڪو افسوسناڪ آهي، ڀارت جي حملن جو ڀرپور جواب ڏيڻ گهرجي. راڻا مبشر علي چيو ته اسان پنهنجي هٿياربند فوج کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا جنهن ڀارتي جارحيت جو ڀرپور مقابلو ڪري هڪ تاريخ رقم ڪئي آهي. سڄي دنيا ۾ دهشتگردي جي واقعن جو ذميوار مودي آهي، را جا ايجنٽ سڄي دنيا ۾ ڪارروايون ڪري رهيا آهن. آغا رفيع الله چيو ته هن وقت ملڪ جون حالتون سنجيده آهن، جيڪڏهن اسان کي خطي کي امن طرف وٺي وڃڻو آهي ته ان لاءِ ڀارت کي عقل کان ڪم وٺڻو پوندو، جهڙي طرح رات جي اونداهي ۾ شهري علائقن کي نشانو بڻايو ويو آهي ان مان واضح ٿي رهيو آهي ته ڀارت جي فاشسٽ حڪومت جنگ چاهي ٿي. هن ڀارتي ميڊيا کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته ڀارتي چئنلن تي صحافين کي نه پر جاهلن کي ويهاريو ويو آهي، پاڪستاني ميڊيا هن وقت ذميواراڻو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. سهيل سلطان چيو ته 1948ع کان اڄ تائين ڀارت پاڪستان خلاف جارحيت ڪندو پيو وڃي، ڪارگل کانپوءِ سنڌ طاس معاهدو ۽ پاڪستان تي حملي مان ثابت ٿيو آهي ته هو اسان جي امن جي خواهش کي اسان جي ڪمزوري سمجهي رهيو آهي، پاڪستان کي ڀارتي حملي جو ڀرپور جواب ڏيڻ گهرجي. ڪرن حيدر چيو ته پاڪستان ۾ ٿيل دهشتگردي جي اڪثر واقعن ۾ ڀارت ملوث آهي، ڊاڪٽر مهيش ملاڻي چيو ته ڀارت جي دهشتگردي ۽ وحشت مذمت جوڳي آهي، اسان پهلگام واقعي جي مذمت ڪريون ٿا پر جهڙي طرح مودي ڊرامو رچايو آهي ان مان ثابت ٿيو آهي ته مودي جو مائينڊ سيٽ اينٽي پاڪستان ۽ اينٽي مسلم آهي. هن چيو ته پاڪستاني هندو پاڪستان سان محبت ڪن ٿا ۽ اسان پوري قوم سميت هٿياربند فوج سان گڏ آهيون. ڊاڪٽر درشن چيو ته ڀارت طرفان جنهن جارحيت جو مظاهرو ڪيو ويو آهي اسان ان جي پرزور مذمت ڪريون ٿا. اسان مودي کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته رافيل سميت 5 جهازن کي تباهه ڪرڻ مان ثابت ٿيو آهي ته جيڪو جذبو پاڪستان وٽ آهي اهو انهن وٽ ناهي. مودي مذهب جي آڙ ۾ جيڪو ڊرامو ڪري رهيو آهي اهو مذمت جوڳو آهي. ڌرتي اسان جي ماءُ آهي ۽ ان جي حفاظت لاءِ اسان پنهنجي جانين جي قرباني کان به پوئتي نه هٽنداسين. محمد ارشد ساهي ڀارتي جارحيت جي مذمت ڪندي چيو ته پوري پاڪستاني قوم هن وقت متحد آهي، اسان مودي کي اهڙو جواب ڏينداسين ته جيڪو هو هميشه ياد رکندو. پاڪستان لکين قربانين کانپوءِ ٺهيو آهي ۽ ان جي حفاظت لاءِ اسان تن من ۽ ڌن جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. محمد احمد چٺه چيو ته پاڪستان هميشه دهشتگردي جي مذمت ڪئي آهي، پاڪستان پاڻ ڊگهي عرصي کان دهشتگردي جو شڪار رهيو آهي، پاڪستان طرفان پهلگام واقعي جي جاچ جي آڇ ڪئي وئي پر ان جي باوجود ڀارت معصوم پاڪستانين کي نشانو بڻائڻ مذمت جوڳو آهي. پاڪستان جو هر شهري ملڪ لاءِ جان قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهي ۽ ڀارت کي ڀرپور جواب ڏنو ويندو. اسامه ميله چيو ته آر ايس ايس سبب پوري خطي ۾ امپرئيل ازم کي مڙهڻ جي ڪوششون ٿي رهيون آهن، خطي ۾ پاڪستان ڀارتي امپرئيل ازم لاڳو ڪرڻ ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهي، مودي کي پٽو وجهڻ وقت جي ضرورت آهي، هن ڀارت جي هاءِ ڪمشنر کي ملڪ مان ڪڍڻ ۽ ڀارت سان سفارتي لاڳاپا ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.