اسرائيل حملو ڪيو ته سڄو خطو تباهيءَ جو شڪار ٿي ويندو: ايران

تهران-30 اپريل (اي پي پي) ايران چيو ته جيڪڏهن اسرائيل ان تي حملو ڪيو ته نتيجو پوري خطي جي تباهيءَ جي صورت ۾ نڪرندو. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڳالهه ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف هڪ بيان ۾ چئي. هن چيو ته اسرائيل امريڪا جي اجازت کانسواءِ ڪابه مهم نه هلائي سگهندو، جڏهن ته هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن ايران تي حملو ڪيو ويو ته ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪنداسين.

مزید خبریں