والاريل بيت المقدس جي مسيحي سربراهه پاران پوپ فرانسس کي خراج پيش

رام الله - 23 اپريل (اي پي پي)والاريل بيت المقدس جي مسيحي اڳواڻ آرچ بشپ پيئر بٽيسٽا پيزابالا پوپ فرانسس کي خراج پيش ڪيو آهي ته هن غزه جي مسيحي برادري سان غير معمولي عزم جو اظهار ڪيو. پرڏيهي ميڊيا مطابق آرچ بشپ چيو ته خاص طورتي غزه ۾ جاري جنگ دوران پوپ هتان جي مسيحين لاءِ گهڻو فڪر مند رهندو هو . پوپ فرانسس غزه ۾ امن جو حامي …

رام الله – 23 اپريل (اي پي پي)والاريل بيت المقدس جي مسيحي اڳواڻ آرچ بشپ پيئر بٽيسٽا پيزابالا پوپ فرانسس کي خراج پيش ڪيو آهي ته هن غزه جي مسيحي برادري سان غير معمولي عزم جو اظهار ڪيو. پرڏيهي ميڊيا مطابق آرچ بشپ چيو ته خاص طورتي غزه ۾ جاري جنگ دوران پوپ هتان جي مسيحين لاءِ گهڻو فڪر مند رهندو هو . پوپ فرانسس غزه ۾ امن جو حامي هو ۽ هو ان لاءِ مسلسل مطالبو ڪندو رهيو . ميسيحي برادري جي سرپرست چيو ته هو غزه جي مسيحين جي تمام گهڻو ويجهو هو ۽ هر شام جو غزه جي مسيحي قيادت سان فون تي ڳالهائيندو هو، پنهنجي ماڻهن جي خيريت معلوم ڪندو هو ۽ سندن حوصلو وڌائيندو هو . سندس اها فون ڪال هر شام جو 7 وڳي غزه ۾ موصول ٿيندي هئي جنهن ۾ هو اسان کي صبر ۽ حوصلي جو پيغام ڏيندو هو . کيس غزه پٽي تي 24 لک جي لڳ ڀڳ رهندڙ فلسطينين خاص طور تي هڪ هزار مسيحين جي حالتن سان غير معمولي دلچسپي هئي ۽ هو ان جنگ ۾ بي گهر ٿيڻ تي پريشان رهندو هو.

مزید خبریں