اسلام آباد-19 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار افغانستان جي عارضي وزيراعظم ملا محمد حسن آخوند سان ملاقات ڪئي. ڪالهه ڇنڇر ڏينهن پرڏيهي آفيس مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن سلامتي، واپار، ٽرانزٽ تعاون ۽ عوامي لاڳاپن سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ اعليٰ …
پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي افغانستان جي عارضي وزيراعظم ملا محمد حسن آخوند سان ملاقات، گڏيل دلچسپي جي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ

مزید خبریں
اسلام آباد-19 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار
افغانستان جي عارضي وزيراعظم ملا محمد حسن آخوند سان ملاقات ڪئي.
ڪالهه ڇنڇر ڏينهن پرڏيهي آفيس مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن
سلامتي، واپار، ٽرانزٽ تعاون ۽ عوامي لاڳاپن سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن
تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن
کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ اعليٰ سطح جي مٽاسٽا جي اهميت جي حوالي سان
عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو.











