اسلام آباد – 17 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي هنگري سان واپار، سيڙپڪاري ۽ توانائي سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان هنگري جي پرڏيهي وزير پيٽر سيجارٽو جي وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ٿي. هنگري جو پرڏيهي وزير هن وقت پاڪستان جي سرڪاري دوري تي آهي. ملاقات دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف هنگري جي وزيراعظم وڪٽر اورهان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ پاڪستان جي هنگري سان واپار، سيڙپڪاري ۽ توانائي سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. هن وزيراعظم اورهان کي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت جو پيغام پڻ موڪليو. وزيراعظم کي ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي سطح تي ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه بابت ٻڌايو ويو. وزيراعظم پاڪستان ۽ هنگري جي وچ ۾ سفارتي پاسپورٽ هولڊرز جي لاءِ ويزا جي خاتمي سان گڏوگڏ ثقافت، آثار قديمه ۽ ثقافتي ورثي جي شعبي ۾ تعاون جي حوالي سان مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪرڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڪاروبار جي (بي ٽو بي) مٽاسٽا جي اهميت تي زور ڏيندي وزيراعظم پرڏيهي وزير سان گڏ هنگري جي واپاري وفد جي آجيان ڪئي جنهن ڪالهه خميس ڏينهن اسلام آباد م منعقد پاڪستان هنگري بزنس فورم ۾ شرڪت ڪئي. ٻطرفي لاڳاپن کانسواءِ ملاقات ۾ علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي جڏهن ته موجوده عالمي منظرنامي ۾ چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ تعاون ۽ ڳالهه ٻولهه جي اهميت تي زور ڏنو ويو. وزيراعظم چيو ته هلندڙ سال پاڪستان ۽ هنگري جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 60هين سالگرهه آهي جيڪا ٻنهي ملڪن جي پنهنجي لاڳاپن ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ هڪ اهم موقعو فراهم ڪري ٿي.