ويلنگٽن – 13 مارچ (اي پي پي) پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم پنجن ٽي – ٽوئنٽي ۽ ٽن ون ڊي عالمي ميچن جي سيريز کيڏڻ لاءِ نيوزيلينڊ پهچي وئي آهي. نيوزيلينڊ سيريز لاءِ ٽيم ۾ چيمپيئنز ٽرافي جي فائنلسٽ ٽيم جي 7 رانديگرن کي شامل ڪيو ويو آهي، آل رائونڊر مائيڪل بريسويل ٽيم جي قيادت ڪندو. نيوزيلينڊ ۽ پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ پنجن ٽي – ٽوئنٽي ميچن جي سيريز جي شروعات 16 مارچ کان پهرين ميچ سان ٿيندي. پاڪستاني ٽيم جي قيادت سلمان آغا ڪندو. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پنجن ٽي – ٽوئنٽي سيريز جي ٻي ميچ 18 مارچ، ٽئين ميچ 21 مارچ، چوٿين ٽي – ٽوئنٽي ميچ 23 مارچ جڏهن ته پنجين ۽ آخري ميچ 26 مارچ تي کيڏي ويندي. پنجن ٽي – ٽوئنٽي ميچن جي سيريز مڪمل ٿيڻ کانپوءِ نيوزيلينڊ ۽ پاڪستان جون ٽيمون 29 مارچ تي نيپيئر پهچنديون جتي هو ٽن ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ ميڪ لين پارڪ، نيپيئر ۾ کيڏنديون. ٻي ون ڊي ميچ 2 اپريل جڏهن ته ٽئين ۽ آخري ون ڊي ميچ 5 اپريل تي کيڏي ويندي.