ڍاڪا – 13 مارچ (اي پي پي) بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم جي آل رائونڊر محمود الله عالمي ڪرڪيٽ تان ريٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي. 39 ورھين جو محمود الله گذريل آءِ سي سي چيمپئينز ٽرافي ۾ بنگلاديش جي اسڪواڊ جو حصو ھو. محمود الله پنھنجي ريٽائرمينٽ جو اعلان سوشل ميڊيا تي ڪيو. ريٽائرمينٽ جي پيغام ۾ محمود الله چيو ته مان پنھنجي سمورن ساٿي رانديگرن، ڪوچز، مداحن ۽ گھر ڀاتين جو شڪريو ادا ڪيان ٿو جن منھنجي ڪيريئر دوران منھنجو ساٿ ڏنو. منھنجا والدين، منھنجا ساھرا خاص طور تي منھنجي سهرو ۽ سڀني کان اھم منھنجو ڀاءُ عماد الله جو تمام گهڻو ٿورائتو آهيان جيڪي منھنجي ننڍپڻ کان منھنجي ڪوچ ۽ سرپرست طور مون سان گڏ رھيا . ھن لکيو ته مان انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان ريٽائرمينٽ وٺڻ جو فيصلو ڪيو آھي. ھن بنگلاديش ڪرڪيٽ لاءِ نيڪ خواھشن جو اظھار به ڪيو. محمود الله 2007ع ۾ پنھنجي انٽرنيشنل ڪيريئر جي شروعات ڪئي.جنهن دوران هن 50 ٽيسٽ، 239 ون ڊي ميچز ۽ 141 ٽي – 20 ميچن ۾ بنگلاديش جي نمائندي جو اعزاز حاصل ڪيو. محمود الله سمورن فارميٽس ۾ مجموعي طور تي 11 ھزار کان وڌيڪ رنسون اسڪور ڪيون جن ۾ 9 سينچريون ۽ 56 ففتيون شامل آھن، جڏھن ته ھن 166 وڪيٽون به حاصل ڪيون.