گڏيل قومون – 13 مارچ (اي پي پي)گڏيل قومن ۾ پاڪستان صنفي برابري کي هٿي ڏيندڙ قومي مڪينزم کي اڳتي وڌائڻ لاءِ فوري قدمن تي زور ڀريو آهي. پاڪستان عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ته هو اهڙي قومي مڪينزم جي حمايت لاءِ قدم کڻي جيڪا صنفي برابري ۽ عورتن ۽ ڇوڪرين کي بااختيار بڻائڻ ۾ مدد فراهم ڪري ته جيئن انهن کي ترقي جا برابر موقعا ملي سگهن. اها ڳالهه عورتن جي حيثيت بابت قومي ڪميشن جي چيئرپرسن ام ليليٰ اظهر صنفي برابري ۽ عورتن ۽ ڇوڪرين کي بااختيار بڻائڻ لاءِ وزارتي گول ميز دوران چئي جيڪا گڏيل قومن جي عورتن جي حيثيت بابت ڪميشن (سي ايس ڊبليو) جي موقعي تي منعقد ٿي. هن چيو ته سياسي وابستگي، عالمي يڪجهتي، ترقي لاءِ مناسب فنڊز جي فراهمي، غير رسمي معيشت ۾ عورت ڪارڪنن لاءِ قانونن ۽ پاليسين کي لاڳو ڪرڻ ذريعي قومي مڪينزم کي مضبوط ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته خاص طور تي اسرندڙ ملڪن ۾ صنفي برابري جي واعدن کي مڪمل طور تي لاڳو ڪرڻ لاءِ مناسب مالي ۽ اداراجاتي وسيلن کي يقيني بڻائڻ ۾ ترقي باوجود اڃان ڪجهه چئلينجز برقرار آهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ صنفي برابري لاءِ قومي مڪينزم کي مضبوط بڻائڻ ڏانهن اهم اڳڀرائي ٿي آهي، ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ لاءِ عورتن ۽ ڇوڪرين جا مسئلا حل ٿين، پاليسيون جوڙيون ويون آهن ۽ قومي ۽ صوبائي ڪميشن، عورتن جي ترقي بابت صوبائي کاتا، عورتن جي پارلياماني ڪاڪس، پوليس اسٽيشنن، فوري انصاف فراهم ڪرڻ لاءِ 95 خاص عدالتون، وومين ڪورٽس ۾ وڪيل طور ۽ عورتن جي بئنڪنگ جهڙا ادارا قائم ڪيا ويا آهن. پاڪستاني نمائندي چيو ته عورتن جي حيثيت بابت اسانجي قومي ۽ صوبائي ڪميشن صنفي لحاظ کان حساس قانونسازي ۽ پاليسي سڌارن جي حمايت ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهي آهي. پاڪستاني نمائندي وڌيڪ چيو ته صنفي بنياد تي تشدد، ڪم جي جاءِ تي هراسان ڪرڻ ۽ گهرو استحصال ۽ عورتن جي حقن جي تحفظ لاءِ قانون لاڳو ڪرڻ ذريعي قانوني ڍانچي کي مضبوط ڪيو ويو آهي. ام ليليٰ اظهر بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۽ پرائم منسٽر يوٿ پروگرام جو حوالو ڏيندي چيو ته معاشي طور تي بااختيار بڻائڻ هڪ اهم حڪومتي ترجيع آهي، خاص طور تي پٺ تي پيل طبقن سان تعلق رکندڙ عورتن کي سماجي تحفظ، مالي شموليت، پيشيوراڻي تربيت ۽ ڪاروبار جا موقعا فراهم ڪن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ترقي کي تيز ڪرڻ، صنفي برابري ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ قومي مڪينزم کي مضبوط بڻائڻ لاءِ عالمي برادري سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي.