اسلام آباد-02 مارچ(اي پي پي) موسميات کاتي شديد برساتن جي اڳڪٿي ڪندي شهرين کي مشورو ڏنو آهي ته اهي پنهنجي حفاظت کي يقيني بڻائن ۽ برسات دوران گهرن ۾ رهن جڏهن ته ضرورت وقت گهر کان ٻاهر نڪرڻ جي صورت ۾ احتياطي اپائن کي يقيني بڻائن. خانگي ٽي وي چينل جي رپورٽ موجب هوا ۾ گهٽ دٻاءَ وارو نظام ملڪ جي اتر وارن علائقن ۾ اڄ داخل ٿي ويندو جنهن کان پو ءِ پنجاب ۾ تيز برسات ۽ جبلن تي برفباري جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب ڪي پي ڪي جي ميداني ۽ جابلو علائقن ۾ 4 مارچ تائين برسات ۽ برفباري پوندي. مقامي انتظاميا کي پڻ ان حوالي سان الرٽ ڪيو ويو آهي. مري، گليات سميت ٻين جابلو علائقن ۾ پڻ برسات ۽ برفباري جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. پي ڊي ايم اي مسافرن ۽ سياحن کي مشورو ڏنو آهي ته ا هي برفباري، طوفان ۽ امڪاني ٻوڏ دوران غير ضروري سفر کان پاسو ڪن.