لاهور – 02 مارچ (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي سان ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ رانديگرن ملاقات ڪئي. نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي جي بورڊ روم ۾ ٿيل ملاقات ۾ پي سي بي جي چيئرمين محسن نقوي رانديگرن سان ڪرڪيٽنگ اسڪلز پرفارمنس، ڊائيٽ پلان، فٽنيس ۽ ٽريننگ جي معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ملاقات دوران رانديگرن هاءِ پرفارمنس سينٽرز ۾ تربيت، فٽنيس ۽ ڊائيٽ پلان جي حوالي سان معاملن کان آگاهه ڪيو. پي سي بي چيئرمين رانديگرن جي حوصلا افزائي ڪئي ۽ انهن جي مسئلن کي حل ڪرڻ بابت عملدارن کي هدايتون ڪيون ۽ سمورين اڪيڊميز تائين رانديگرن کي رسائي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو. محسن نقوي رانديگرن جي فٽنيس لاءِ خصوصي ڊائيٽ پلان تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته رانديگرن جي فزيڪل ٽريننگ لاءِ ٽرينزز جي دستيابي يقيني بڻائي ويندي. هن رانديگرن کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان پاڪستان جي مستقبل جا ستاره آهيو، اوهان لاءِ وسيلن جي فراهمي پاڪستان ڪرڪيٽ جي روشن مستقبل تي سيڙپڪاري اهي. پي سي بي چيئرمين رانديگرن جي تجويزن کي نوٽ ڪيو ۽ موقعي تي حڪم جاري ڪيا.