وزيراعظم محمد شهباز شريف جو ازبڪستان جو هاڻوڪو دورو ٻه طرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جو ذريعو ثابت ٿيندو: ازبڪ سفير

اسلام آباد -01 مارچ (اي پي پي) ازبڪستان جي سفير علي شير توختائف چيو آهي، ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جو ازبڪستان جو تازو دورو سياسي ڳالهين کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ، گڏيل اعتماد ۽ تفهيم کي هٿي وٺائڻ جو ذريعو ثابت ٿيندو، گذريل سالن ۾ ازبڪستان ۽ پاڪستان وچ ۾ سياسي لاڳاپا نئين سطح تي پهچي چڪا آهن ۽ ملڪن جي سربراهن جي گڏيل دوري، اسٽريٽجڪ حصيداري جي معاهدي ۽ …

اسلام آباد -01 مارچ (اي پي پي) ازبڪستان جي سفير علي شير توختائف چيو آهي، ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جو ازبڪستان جو تازو دورو سياسي ڳالهين کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ، گڏيل اعتماد ۽ تفهيم کي هٿي وٺائڻ جو ذريعو ثابت ٿيندو، گذريل سالن ۾ ازبڪستان ۽ پاڪستان وچ ۾ سياسي لاڳاپا نئين سطح تي پهچي چڪا آهن ۽ ملڪن جي سربراهن جي گڏيل دوري، اسٽريٽجڪ حصيداري جي معاهدي ۽ تعاون جو پڌرنامو ان ڳالهه جي واضح تصديق ڪري ٿو. وزيراعظم پاران ازبڪستان جي هاڻوڪي دوري جي حوالي سان ڳالهائيندي ازبڪ سفير سان ٻه طرفن لاڳاپن جي موجودگي ۽ مستقبل جي امڪانن تي ڳالهيون ڪيون. ازبڪستان جي سفارتخاني طرفان جاري پريس بيان ۾ ٻڌايو ويو ته سفير چيو آهي، ته ٻئي ملڪ گڏيل قومن، شنگهائي تعاون تنظيم، ايس سي او تنظيم تعاون، اسلامي ۽ اقتصادي تعاون تنظيم جهڙن عالمي ادارن تحت به فعال تعاون ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن خطي جي سلامتي ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ لاءِ تعاون کي مضبوط بڻائڻ لاءِ پنهنجي مضبوط سياسي خواهش جو اظهار ڪيو. واپار ۽ معاشي شعبي ۾ ٿيندڙ امڪاني منصوبن جي سوال جي جاوب ۾ هن چيو ته ڪراچي بندرگاهه ذريعي ٽرانزٽ ٽريڊ کي هٿي ڏيڻ ۽ گڏيل سيڙپڪاري فنڊ قائم ڪرڻ جا منصوبا غور هيٺ آهن. ان سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري لاڳاپا مضبوط ٿيندا. هن چيو ته انفراسٽرڪچر کي بهتر بڻائڻ، ٻنهي ملڪن ۾ لاجسٽڪ سينٽر تعمير ڪرڻ، واپاري مرڪز کولڻ ۽ صنعتي تعاون کي مضبوط بڻائڻ، معاشي سفارتڪاري جي شعبي ۾ ٻه طرفن لاڳاپن جا ترجيحي شعبا آهن. ان کان علاوه ٻنهي ڌرين مستقبل ۾ تاشقند ۽ لاهور ۾ ٿيل ”ميڊ ان پاڪستان“ ۽ ”ميڊ ان ازبڪستان“ جي قومي صنعتي نمائشن جي تجربي کي جاري رکڻ ۽ نمائش ۾ شامل شين جي انگ ۾ واڌ ڪرڻ جو منصوبو رکن ٿا. هن چيو ته اسان ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري برادري جي شرڪت سان بزنس فورم جو بندوبست ڪري نئين سيڙپڪاري جي منصوبن ۽ معاهدن تي صحيحين جي بنياد رکنداسين. هن چيو ته ٻئي ملڪ ٽرانزٽ ٽريڊ ۽ ترجيحي واپار جي معاهدن جي قدمن کي مڪمل طور لاڳو ڪرڻ، ترجيحي شين جي تعداد م واڌ ڪري گڏيل واپار جي ڳاڻيٽي کي وڌائڻ، سامان ۽ خدمتن جي آزاد اچ وڃ لاءِ سازگار حالتون پيدا ڪرڻ لاءِ ازبڪستان ۽ پاڪستان جي لاڳاپيل وزارتن ۽ کاتن سان ڪم ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي خطن چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري ۽ ڪاروباري طبقي وچ ۾ سڌي ريت ۽ ويجهو تعاون قائم ڪرڻ جي طريقيڪار تي ڪم ڪيو پيو وڃي. سفير چيو ته گذريل سالن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾واپاري ڳاڻيٽو مسلسل وڌي رهيو آهي. 2024ع جي آخر تائين هي ڳاڻيٽو 404 ملين ڊالرز تائين پهچي ويو آهي. هن چيو ته هاڻوڪي سالن ۾ اسان جي ملڪن وچ ۾ واپاري ڳاڻيٽي ۾ مسلسل واڌ ٿي رهي آهي. في الحال ٻئي ڌريون گڏيل واپار جي ڳاڻيٽي ۾ واڌ ڪرڻ، ايندڙ سالن ۾ هڪ ارب ڊالرز جي هدف کي حاصل ڪرڻ ۽ صنعتي تعاون کي تيز ڪرڻ لاءِ گڏيل قدمن تي فعال طور ڪم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن خوراڪ، ٽيڪسٽائيل، اليڪٽريڪل شين جي آمدني واپار ۽ روانگي واپار جي ڍانچي کي وسيع ڪرڻ لاءِ مخصوص قدم کڻي رهيا آهن. سفير چيو ته ازبڪستان پاڪستان کي زرعي روانگي واپار خاص طور ميون، سبزين، اناج ۽ ٽيڪسٽائيل شين جي فراهمي جي ڳاڻيٽي کي وڌائڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو. هن چيو ته اهڙي طرح پاڪستان جي دواسازي، ٽيڪسٽائيل، تعميراتي مواد ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ صلاحيت ازبڪ مارڪيٽ لاءِ به وڏي اهميت رکي ٿي. هن چيو ته ٽيڪسٽائيل سيڪٽر ۾ وڏين گڏيل منصوبن کي عملي شڪل ڏيڻ جا وسيع موقعا موجود آهن ۽ اسان جون گڏيل ڪوششون عالمي مارڪيٽ ۾ چٽاڀيٽي واريون شيون تيار ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿينديون. ازبڪ سفير چيو ته زرعي شعبي ۾ جديد ٽيڪنالاجيز جي مٽاسٽا، شين جي پروسيسنگ تي گڏيل منصوبن سان گڏوگڏ ميون، سبزين ۽ اناج جي روانگي واپار جي ڳاڻيٽي کي وڌائڻ لاءِ وڏي صلاحيت موجود آهي. اسان جا ملڪ غذائي تحفظ کي بهتر بڻائڻ ۽ نين مارڪيٽن تائين رسائي حاصل ڪرڻ لاءِ تعاون ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته ازبڪستان ۽ پاڪستان ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جو شعبو به تيزي سان ترقي ڪري رهيو آهي. اسان جا ملڪ آءِ سينٽرز قائم ڪرڻ، گڏيل تعليمي پروگرامن ۽ ڊجيٽلائيزيشن منصوبن تي ڪم ڪرڻ سان گڏوگڏ آئوٽ سورسنگ خدمتن تي ڌيان ڏئي سگهن ٿا. هن چيو ته ان قسم جو تعاون اسان جي معيشتن لاءِ وڏا امڪان هموار ڪندو.

مزید خبریں