لاهور-26 فيبروري (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران لاهور سميت صوبي جي اڪثر علائقن ۾ هلڪي ۽ تيز برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران سيالڪوٽ ۾ 5 ملي ميٽر، نارووال ۾ 04، منڊي بهائوالدين ۽ گجرات ۾ 03، گوجرانوالا ۽ جوهر آباد ۾ 02 ملي ميٽر ۽ شيخوپوره، لاهور ۽ حافظ آباد ۾ 01 ملي ميٽر برسات ٿي. ساڳئي طرح سرگوڌا، ڀکر ۽ قصور ۾ به هلڪي برسات رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته ٻين علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ رهي. لاهور ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 16 ۽ وڌ ۾ وڌ 26 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.