بيجنگ-26 فيبروري (اي پي پي) چين چيو آهي ته ڪينيڊا طرفان چيني ڪمپنين کي نشانو بنائڻ وارين تازين پابندين جي سختي سان مخالفت ڪريون ٿا. اها ڳالهه چين جي واپار واري وزارت جي ترجمان ڪئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن ڪينيڊا طرفان روس کي ٻٽي معيار جي استعمال جون شيون فراهم ڪرڻ جي الزام تي 20 چيني ادارن سميت 76 غير ملڪي ادارن ۽ شهرين تي پابنديون لاڳو ڪرڻ جي اعلان بابت سوال جي جواب ۾ چيو ته چين ڪينيڊا طرفان چيني ڪمپينن کي نشانو بڻائڻ واري تازي پابندين کي غير منصفاڻو تصور ڪري ٿو، چين مسلسل هڪ طرفي پابندين جي مخالفت ڪئي آهي، جنهن جي عالمي قانون ۽ سلامتي ڪائونسل طرفان اجازت نه آهي. ترجمان چيو ته چين ان ڳالهه تي زور ڏئي ٿو ته لاڳاپيل ملڪن کي يوڪرين جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ چيني ڪاروباري ادارن ۽ شهرين جي جائز حقن ۽ مفادن جن ۾ انهن جو معمول جو واپار، سيڙپڪاري ۽ مالي سهڪار ۾ شامل هجڻ جي حقن کي نقصان نه پهچائڻ گهرجي.