اسلام آباد – 21 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ريٽيلرز جي مسئلن جي حل لاءِ ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته اهڙا ريٽيلرز جيڪي ٽيڪس نيٽ ۾ موجود آهن انهن تي ٽيڪس جو وڌيڪ بار نه وڌو ويندو، استعمال ٿيل شين جي آڙ ۾ ٿيندڙ اسمگلنگ جي خاتمي جي لاءِ پڻ قدم کنيا پيا وڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ريٽيل بزنس ڪائونسل جي چيئرمين زياد بشير جي قيادت ۾ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ چيئرمين پاڪستان ريٽيل بزنس ڪائونسل زياد بشير، شاهد حسين سي اي او سروس سيلز ڪارپوريشن، شهريار بخش سي اي او بيچ ٽري سان گڏوگڏ وفاقي وزير احسن اقبال، ڄام ڪمال خان، احد خان چيما، محمد اورنگزيب، راڻا تنوير حسين، مملڪي وزير علي پرويز ملڪ ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار موجود هئا. وزيراعظم ريٽيلرز جي وفد جي آجيان ڪئي، مسئلن جي حل جي خاطري ڪرائي ۽ چيو ته اهڙا ريٽيلرز جيڪي ٽيڪس نيٽ ۾ موجود آهن انهن تي ٽيڪس جو وڌيڪ بار نه وڌو ويندو. اهڙا سمورا ريٽيلرز جيڪي ٽيڪس نه ٿا ڏين انهن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهيا آهيون. وزيراعظم چيو ته استعمال ٿيل شين جي آڙ ۾ ٿيندڙ اسمگلنگ جي خاتمي جي لاءِ پڻ قدم تيز ڪري رهيا آهيون. مقامي صنعت کي جدت کي اختيار ڪندي پنهنجي شين جي برآمدات جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي اختيار ڪرڻ گهرجي ته جيئن اهي عالمي مارڪيٽ جو مقابلو ڪري سگهن. ايف بي آر جي ٻين سڌارن سان گڏوگڏ حڪومت معيشت کي ڪيش ليس بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. ملاقات ۾ وفد جي ميمبرن ملڪي معيشت جي استحڪام جي لاءِ وزيراعظم ۽ سندس ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته مهانگائي ۽ وياج جي شرح ۾ خاطرخواهه گهٽتائي سان مصنوعات جي کپت ۽ پيداوار ۾ اضافو ٿي رهيو آهي جيڪو خوش آئنده آهي. اميد آهي انهن قدمن سان مهانگائي جي شرح ۾ وڌيڪ گهٽتائي ايندي. صنعتن جو ڦيٿو هلڻ سان روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿي رهيا آهن. حڪومتي سڌارا خوش آئنده آهن ۽ انهن جا معيشت تي ڏورس مثبت اثر پوندا. ريٽيلرز کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ سان اوڳاڙين ۾ اضافو ٿيندو. اهڙا ريٽيلرز جيڪي ٽيڪس نيٽ ۾ موجود آهن انهن جي مسئلن جي حل لا حڪومتي قدم ساراهه جوڳا آهن.