رياض – 21 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ ميڊيا تعاون کي سگهه ڏيڻ، مهارتن جي مٽاسٽا ۽ گڏيل منصوبن کي فروغ ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي معيشت صحيح رخ ۾ گامزن آهي، عالمي سيڙپڪارن جي لاءِ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جو بهترين موقعو آهي. اها ڳالهه هن سعودي ميڊيا فورم جي موقعي تي بحرين جي اطلاعات واري وزير رمضان بن عبدالله النعيمي سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ بحرين جا ڀائراڻا لاڳاپا انتهائي مضبوط، گڏيل عقيدي، تاريخ ۽ ثقافت تي ٻڌل آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ميڊيا جي شعبن ۾ رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ميڊيا وفدن جي مٽاسٽا اهميت رکندڙ آهي. وفاقي وزير بحرين ۽ پاڪستان جي اسٽيٽ ميڊيا ادارن جي وچ ۾ تعاون جي فروغ جي ضرورت تي زور ڏيندي بحرين جي نيوز ايجنسي بي اين اي ۽ پاڪستان جي سرڪاري نيوز ايجنسي اي پي پي جي وچ ۾ خبرن جي حصيداري جي تجويز ڏني. ٻنهي طرفن تازن سالن ۾ اعليٰ سطحي وفدن جي باقاعده مٽاسٽا جي آجيان ڪئي. وفاقي وزير چيو ته تازن ڏينهن ۾ بحرين جي پارلياماني وفد پاڪستان جو دورو ڪيو ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪئي جيڪو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي مضبوطي جو اظهار آهي. هن چيو ته پاڪستان جي معيشت صحيح رخ ۾ گامزن آهي، عالمي سيڙپڪارن جي لاءِ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جو بهترين موقعو آهي. ان موقعي تي بحرين جي اطلاعات واري وزير چيو ته پاڪستان سان لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا. هن چيو ته بحرين ۽ پاڪستان جا لاڳاپا قيادت جي دانشمنداڻي رهنمائي تحت مختلف شعبن ۾ مسلسل ترقي ڪري رهيا آهن. بحرين جي اطلاعات واري وزير ميڊيا جي شعبي ۾ تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۽ گڏيل ڪاميابين جي فروغ جي لاءِ بحرين جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.