اسلام آباد-20 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته سماجي انصاف ۽ برابري ڪنهن به مهذب معاشري جي بنيادي هوندي آهي. پاڪستان جو آئين هر شهريءَ کي برابريءَ جي سطح تي انصاف ۽ ترقيءَ جا برابريءَ وارا موقعا فراهم ڪرڻ جي ضمانت ڏئي ٿو. سماجي انصاف جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ اسپيڪر جو چوڻ هو ته پارليامينٽ هڪ انصاف تي ٻَڌل نظام جي قيام لاءِ پُرعزم آهي، ان حوالي سان ڪيترائي قانون به منظور ڪيا ويا آهن، جيڪي سماجي ناانصافين جي خاتمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته اسلام عدل ۽ برابري ۽ بنيادي حقن جي پاسداريءَ جو درس ڏئي ٿو ۽ هڪ اهڙو معاشرو جوڙڻ جي تلقين ڪري ٿو جتي هر فرد کي برابريءَ جا موقعا ميسر هجن. اسپيڪر زور ڀريو ته سماجي انصاف ۽ برابريءَ تي ٻَڌل نظام ئي حقيقي جمهوريت جي ضمانت آهي ۽ ان کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سمورن طبقن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.