ڪراچي-20 فيبروري (اي پي پي) آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي ۾ پاڪ-ڀارت ميچ لاءِ سنڌ حڪومت پاران 23 فيبروري تي ڪراچي سميت صوبي جي مختلف شهرن ۾ ۾ وڏيون اسڪرينون لڳائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب راندين واري صوبائي وزير محمد بخش مهر چيو آهي ته پاڪ-ڀارت ميچ لاءِ ڪراچي، حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻي ۾ اسڪرينون لڳايون وينديون ۽ گهوٽڪي سميت 30 ضلعن ۾ پاڪ-ڀارت ميچ کي لائيو ڏيکارڻ لاءِ انتظام ڪيا ويا آهن. سندس چوڻ آهي ته پاڪ-ڀارت ميچ ڪراچي ۾ سمنڊ ڪناري تي لائيو ڏيکاريو ويندو، جڏهن ته سنڌ يوٿ ڪلب گلستان جوهر ۾ ميچ کي وڏي اسڪرين تي لائيو ڏيکاريو ويندو. محمد بخش مهر چيو آهي ته پاڪ-ڀارت ميچ حيدرآباد نياز اسٽيڊيم، خيرپور ممتاز ڪرڪيٽ گرائونڊ ۽ ٽنڊي محمد خان ۾ به لائيو ڏيکاريو ويندو. ترجمان مطابق، سنڌ جي راندين وارو وزير سردار محمد بخش مهر 23 فيبروري تي گهوٽڪي ۾ پنهنجي تڪ جي ماڻهن سان گڏ پاڪ-ڀارت ميچ ڏسندو۔