اسلام آباد- 17 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائن (پي آءِ اي) پاڪستان ۾ منعقد ٿيندڙ ڪرڪيٽ چيمپئن ٽرافي ۾ شرڪت ڪندڙ عالمي ٽيمن کي سفري سهولتون فراهم ڪندو. پي آءِ اي طرفان جاري بيان مطابق پي آءِ اي، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي سهڪار سان ٽيمن کي ملڪ اندر اچ وڃ جا خاص انتظام ڪيا آهن. پي آءِ اي چيمپئن ٽرافي ۾ ڪرڪيٽ ٽيمن کي ملڪ اندر اچ وڃ لاءِ خاص چارٽر اڏامون آپريٽ ڪندو. اڏامن دوران مهمان ٽيمن کي پاڪستاني ثقافت سان روشناس ڪرائڻ لاءِ خاص قدم کنيا ويا آهن. ڪراچي، اسلام آباد ۽ لاهور وچ ۾ 09 خاص چارٽر اڏامون هلايون وينديون.