اسلام آباد – 17 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته قرضن بدران سيڙپڪاري ۽ حصيداري اسان جي ترجيح آهي، پاڪستان جو اداراجاتي ۽ معاشي سڌارن جو پروگرام تيزي سان جاري آهي، معيشت صحيح رخ ۽ ترقي طرف گامزن آهي، ڪرپشن کي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ نظام ۾ شفافيت آڻي رهيا آهيون، عالمي بئنڪ جي ڪنٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ تحت پاڪستان ۾ 40 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ٿيندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار عالمي بئنڪ جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽرز جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيو ته عالمي بئنڪ ۽ پاڪستان جي حصيداري گذريل 7 ڏهاڪن تي ٻڌل آهي، عالمي بئنڪ جي تعاون سان پاڪستان ۾ ملڪي تعمير ۽ ترقي جي حوالي سان ڪيترائي منصوبا تعمير ٿيا جن پاڪستان جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان عالمي بئنڪ سان حصيداري مان فائدو کنيو، عالمي بئنڪ 2022ع جي ٻوڏ دوران پاڪستان ۾ متاثر ماڻهن جي ڀرپور مدد ڪئي، عالمي بئنڪ جي تازي ڪنٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ تحت پاڪستان ۾ 40 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ٿيندي جيڪا خوش آئنده آهي، 20 ارب ڊالر سان پاڪستان ۾ صحت، تعليم، نوجوانن جي ترقي ۽ ٻين سماجي شعبن ۾ مختلف منصوبن سان ترقي جو نئون باب کلندو. وزيراعظم چيو ته آءِ ايف سي تحت پاڪستان جي نجي شعبي ۾ 20 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري سان ملڪي معيشت جو ڦيٿو تيزي سان ڦرندو، عالمي بئنڪ جا حڪومت جي پاليسين تي اعتماد تي ٿورائتا آهيون، پاڪستان جو اداراجاتي ۽ معاشي سڌارن جو پروگرام تيزي سان جاري آهي، معيشت صحيح رخ ۽ ترقي طرف گامزن آهي، معيشت جي پائيدار ترقي جي لاءِ اڃا وڌيڪ سفر طئي ڪرڻو آهي. وزيراعظم چيو ته معيشت جي بهتري جو ڪريڊٽ ٽيم جي ڪوششن ڏانهن وڃي ٿو، ملڪي روانگي واپار، مٽاسٽا جي ناڻي ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، وياج جي شرح گهٽ ٿيڻ سان پيداواري شعبي ۾ سيڙپڪاري وڌي رهي آهي، ڪرپشن کي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ نظام ۾ شفافيت آڻي رهيا آهيون. وزيراعظم چيو ته ايف بي آر جي سڌارن ۾ ڊيجيٽائيزيشن تي ڪم ترجيحي بنيادن تي جاري آهي، بجلي شعبي جي سڌارن سان بجلي جي بنا رڪاوٽ فراهمي ۽ خساري ۾ گهٽتائي آڻي رهيا آهيون، ايس آءِ ايف سي جي ڪري ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ پرڪشش ماحول فراهم ڪيو ويو آهي جيڪو سمورين ڌرين جي شرڪت جي منفرد نظام تحت ڪم ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته قرضن بدران سيڙپڪاري ۽ حصيداري ترجيح آهي. وفد جي شرڪت ڪندڙن پاڪستان جي جاري سڌاراجاتي پروگرام تي عملدرآمد کي ساراهيو ۽ چيو ته حڪومت جي جاري سڌارن جي پروگرام جا مثبت نتيجا ملي رهيا آهن جيڪا خوش آئنده ڳالهه آهي. وزيراعظم جي قيادت ۾ پاڪستان جي معاشي سڌارن جو سفر تيزي سان جاري آهي. وفد حڪومت جي توانائي، صنعت ۽ روانگي واپار، نجڪاري، اوڳاڙين ۽ ٻين شعبن ۾ سڌاراجاتي قدمن کي ساراهيو. ورلڊ بئنڪ جا 9 ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽرز پاڪستان جي دوري تي آهن ۽ اهي ورلڊ بئنڪ ۾ دنيا جي مختلف ملڪن جي پورٽ فوليو جا نگران آهن. وفد پاڪستان ۾ معاشي ترقي جي منصوبن ۽ سيڙپڪاري بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. ملاقات ۾ وفاقي وزير احسن اقبال، احد خان چيما، سردار اويس خان لغاري، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ، شزه فاطمه خواجه، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر رومينه خورشيد عالم، سينيٽر شيري رحمان، قومي اسيمبلي ميمبر نفيسا شاهه، وزيراعظم جي پوليو پروگرام بابت نمائندي عائشه رضا فاروق ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.