دهشتگرد عنصر بلوچستان جو امن خراب ڪرڻ چاهين ٿا، ملڪ دشمن عنصرن جي خاتمي تائين سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروائيون جاري رهنديون: صدر مملڪت آصف علي زرداري

اسلام آباد -01 فيبروري (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري قلات ضلع ۾ دهشتگرد حملي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي، ته دهشتگرد عنصر بلوچستان جو امن خراب ڪرڻ چاهين ٿا، ملڪ دشمن عنصرن جي خاتمي لاءِ سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروائيون جاري رهنديون. پاڪستاني عوام ملڪ جو امن خراب ڪندڙ عنصرن کي رد ڪري ٿو. ايوان صدر پريس ونگ مان جاري بيان ۾ صدر مملڪت دهشتگردن خلاف ڪارروائي …

اسلام آباد -01 فيبروري (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري قلات ضلع ۾ دهشتگرد حملي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي، ته دهشتگرد عنصر بلوچستان جو امن خراب ڪرڻ چاهين ٿا، ملڪ دشمن عنصرن جي خاتمي لاءِ سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروائيون جاري رهنديون. پاڪستاني عوام ملڪ جو امن خراب ڪندڙ عنصرن کي رد ڪري ٿو. ايوان صدر پريس ونگ مان جاري بيان ۾ صدر مملڪت دهشتگردن خلاف ڪارروائي دوران 18 سيڪيورٽي اهلڪارن جي شهادت گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي دهشتگردن خلاف وقت سر ڪارروائي ڪرڻ ۽ شهادت ماڻيندڙ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر مملڪت ڪارروائي دوران 12 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي اهلڪارن جي بهادري کي پڻ ساراهيو ۽ شهيدن لاءِ بلند درجن ۽ پونئرن لاءِ صبر جي دعا ڪئي. هن چيو ته پوري قوم دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي.