بلوچستان ۾ شرپسندي ڦهلائيندڙ بلوچستان جي ترقي ۽ خوشحالي جا دشمن آهن، حڪومت بلوچستان جي ترقي لاءِ هر ممڪن قدم جاري رکندي: وزيراعظم شهباز شريف

لاهور -01 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻي صلاحيتن کي ساراهيندي چيو آهي، ته بلوچستان ۾ شرپسندي ڦهلائيندڙ بلوچستان جي ترقي ۽ خوشحالي جا دشمن آهن، حڪومت بلوچستان جي ترقي لاءِ هر ممڪن قدم جاري رکندي. بلوچستان جي معصوم عوام کي دهشتگردن کان محفوظ رکڻ جو پاڪ فوج جو پختو عزم تعريف جوڳو آهي.وزيراعظم آفيس پريس ونگ مان جاري بيان …

لاهور -01 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻي صلاحيتن کي ساراهيندي چيو آهي، ته بلوچستان ۾ شرپسندي ڦهلائيندڙ بلوچستان جي ترقي ۽ خوشحالي جا دشمن آهن، حڪومت بلوچستان جي ترقي لاءِ هر ممڪن قدم جاري رکندي. بلوچستان جي معصوم عوام کي دهشتگردن کان محفوظ رکڻ جو پاڪ فوج جو پختو عزم تعريف جوڳو آهي.وزيراعظم آفيس پريس ونگ مان جاري بيان ۾ وزيراعظم بلوچستان (هرنائي) ۾ دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائين تي سيڪيورٽي فورسز جي تعريف ڪندي ڪارروائي دوران 11 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻي صلاحيتن جي تعريف ڪئي. هن چيو ته بلوچستان جي امن امان کي خراب ڪرڻ جي ڪوششن کي ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پڻ پيش ڪيو. وزيراعظم چيو ته بلوچستان جي امن جي دشمنن جي ناپاڪ عزمن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. بلوچستان ۾ دهشتگردي ڦهلائيندڙ بلوچستان جي ترقي ۽ خوشحالي جا دشمن آهن.