اسلام آباد-01 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته پاڪستان واپار ۽ سيڙپڪاري سميت ٻنهي ملڪن جي عوام جي خوشحالي لاءِ بيلا روس سان ٻه طرفن لاڳاپن جي استحڪام لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ چيو ته بيلا روس جي صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو سان ڳالهائي خوشي ٿي ۽ کيس ٻيهر چونڊجڻ تي مبارڪون ڏنيون. وزيراعظم …
پاڪستان واپار ۽ سيڙپڪاري سميت بيلا روس سان ٻه طرفن لاڳاپن جي استحڪام لاءِ پرعزم آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد-01 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته پاڪستان واپار ۽ سيڙپڪاري سميت ٻنهي ملڪن جي عوام جي خوشحالي لاءِ بيلا روس سان ٻه طرفن لاڳاپن جي استحڪام لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ چيو ته بيلا روس جي صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو سان ڳالهائي خوشي ٿي ۽ کيس ٻيهر چونڊجڻ تي مبارڪون ڏنيون. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته اليگزينڊر لوڪاشينڪو جي چونڊ سندس قيادت تي بيلاروس جي عوام پاران مسلسل اعتماد کي ظاهر ڪري ٿي. وزيراعظم چيو ته واپار ۽ سيڙپڪاري سميت مختلف شعبن ۾ گڏيل ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام جي خوشحالي لاءِ هن سان ڪم جاري رکڻ جو منتظر آهيان.











