لاهور-01 فيبروري(اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قلات ۾ دهشتگرد حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته پوري قوم دهشگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائڻ ۽ ملڪ جي تحفظ لاءِ پنهنجي حياتين جي قرباني ڏيندڙ جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي، دهشتگرد بلوچستان جي امن ترقي جا دشمن آهن، دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين انهن خلاف جنگ جاري رکنداسين. وزيراعظم آفيس پريس ونگ مان …
پوري قوم دهشگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائڻ ۽ ملڪ جي تحفظ لاءِ پنهنجي حياتين جي قرباني ڏيندڙ جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي، دهشتگرد بلوچستان جي امن، ترقي جا دشمن آهن: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
لاهور-01 فيبروري(اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قلات ۾ دهشتگرد حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته پوري قوم دهشگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائڻ ۽ ملڪ جي تحفظ لاءِ پنهنجي حياتين جي قرباني ڏيندڙ جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي، دهشتگرد بلوچستان جي امن ترقي جا دشمن آهن، دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين انهن خلاف جنگ جاري رکنداسين. وزيراعظم آفيس پريس ونگ مان جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف قلات ضلعي ۾ دهشتگرد حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ دهشتگردن خلاف ڪارروائي دوران سيڪيورٽي فورسز جي 18 اهلڪارن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار به ڪيو. هن شهيدن جي بلند درجن ۽ پونئرن لاءِ صبر جي دعا ڪئي. وزيراعظم چيو ته مون سميت پوري قوم دهشگردن جي ناپاڪ ارادنن کي ناڪام بڻائڻ ۽ ملڪ جي تحفظ لاءِ پنهنجي جانين جي قرباني ڏيندڙ جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. هن 12 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي واکاڻ ڪندي چيو ته دهشتگرد بلوچستان جي امن ۽ ترقي جا دشمن آهن، دهشتگردي جي لعنت کي ملڪ مان مڪمل ختم ڪرڻ تائين انهن خلاف جنگ جاري رکنداسين. مون سميت پوري قوم دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پنهنجي بهادر فوج جي ڪلهو ڪلهي سان گڏ بيٺل آهي.











