آڪسفورڊ/برطانيه-31 جنوري (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال آڪسفورڊ يونين ۾ پنهنجي ڪيل تاريخي مباحثي ۾ شاندار فتح حاصل ڪئي، جتي هن 180 جي مقابلن ۾ 145 ووٽن سان لبرل جمهوريت جي عالمي ڏکڻ ۾ ناڪاميءَ خلاف پنهنجو مؤقف ڪاميابي سان مڃرايو. ان اهم عالمي فورم تي جنهن کي علمي ۽ فڪر مباحثي جي حوالي سان هڪ منفرد مقام حاصل آهي. …
وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال جي آڪسفورڊ يونين ۾ تاريخي مباحثي ۾ شاندار فتح، لبرل جمهوريت جي عالمي ڏکڻ ۾ ناڪاميءَ خلاف پنهنجو مؤقف ڪاميابي سان مڃرايو

مزید خبریں
آڪسفورڊ/برطانيه-31 جنوري (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال آڪسفورڊ يونين ۾ پنهنجي ڪيل تاريخي مباحثي ۾ شاندار فتح حاصل ڪئي، جتي هن 180 جي مقابلن ۾ 145 ووٽن سان لبرل جمهوريت جي عالمي ڏکڻ ۾ ناڪاميءَ خلاف پنهنجو مؤقف ڪاميابي سان مڃرايو. ان اهم عالمي فورم تي جنهن کي علمي ۽ فڪر مباحثي جي حوالي سان هڪ منفرد مقام حاصل آهي. رٿابندي واري وزير اُسرندڙ ملڪن جي حقن ۽ عالمي انصاف لاءِ هڪ مضبوط ۽ دليلن ڀريو مؤقف پيش ڪيو. وفاقي وزير کي آڪسفورڊ يونين جي صدر اسرار ڪاڪڙ جي دعوت تي ان جو مؤقف پيش ڪرڻ جو موقعو مليو، جتي هن پنهنجي پُراثر تقرير ۾ اهو واضح ڪيو ته لبرل جمهوريت جهڙي آزادي، برابري ۽ ترقيءَ جي خوبصورت خوابن طور پيش ڪيو وڃي ٿو، حقيقت ۾ عالمي ڏکڻ لاءِ ناانصافي، غربت، سياسي عدم استحڪام ۽ معاشي بدحاليءَ جو سبب بڻي آهي. هن نشاندهي ڪئي ته جن ملڪن لبرل جمهوريت جو نعرو بلند ڪيو اهي اڄ انتهاپسندي، نفرت ۽ اڻ برابريءَ جو شڪار ٿي رهيا آهن. احسن اقبال والاريل ڪشمير ۽ فلسطين جو مثال ڏيندي چيو ته اهي ٻئي خطا انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جو مُنهن ڏسي رهيا آهن پر اهي عالمي طاقتون جيڪي پاڻ کي انساني حقن جو چيمپئن چون ٿيون. هتي جي مظلوم عوام تي ٿيل ظلمن تي خاموش تماشائي بڻيل آهن. هن چيو ته جيڪڏهن لبرل جمهوريت واقعي انتها، آزادي ۽ خودمختياريءَ جو نظام هجي ها ته اڄ ڪشمير ۽ فلسطين جي عوام کي پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ جو حق ڏنو وڃي ها. هن وڌيڪ چيو ته ٻي جنگ عظيم کانپوءِ جيڪو عالمي نظام بڻايو ويو هو اهو حقيقت ۾ عالمي ڏکڻ کي بااختيار بڻائڻ لاءِ نه پر ان کي اولهه جي طاقتن جي ڪنٽرول ۾ رکڻ لاءِ هو. هن سوويت يونين جي خاتمي کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال جو حوالو ڏيندي چيو ته اهو چيو ويو ته لبرل جمهوريت جي فتح ٿي وئي آهي ۽ هاڻ دنيا ۾ آزادي ۽ ترقيءَ جو دؤر شروع ٿيندو، پر حقيقت ان جي ابتڙ نڪتي. عالمي ڏکڻ ۾ سياسي عدم استحڪام وڌيو، معيشتون زوال پذير ٿيون ۽ طاقتور ملڪن اُسرندڙ ملڪن کي قرضن ۽ معاهدن جي ڄار ۾ جڪڙي کين پُٺتي ڍڪي ڇڏيو. رٿابندي واري وزير عالمي مالياتي نظام تي شديد تنقيد ڪندي جيسن هيڪل جي ڪتاب ”ڊي ڊوائيڊ“ جو حوالو ڏنو، جنهن ۾ اهو انڪشاف ڪيو ويو ته عالمي ڏکڻ کي هرهڪ ڊالر جي امداد جي بدلي ۾ 14 ڊالر قرضن جي واپسي ۽ منافعي جي منتقلي جي نالي تي وڃائڻا پون ٿا. هن نشاندهي ڪئي ته ڪورونا وبا دوران لبرل جمهوريت جي نالي تي ڪجهه ملڪن ويڪسين جي پيٽنٽ کي عالمي ڏکڻ لاءِ روڪي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ 13 لک کان وڌيڪ ماڻهو موت جو شڪار ٿيا. هن ماحولياتي ناانصافيءَ تي به ڳالهائيندي چيو ته دنيا ۾ 80 سيڪڙو ڪاربن جي خارج ڪرڻ جا ذميوار ترقي يافته ملڪ آهن پر ان جي اثرن سبب غريب ملڪ ڀوڳي رهيا آهن. پاڪستان جيڪو عالمي ڪاربن جي خارج ڪرڻ ۾ هڪ سيڪڙو کان به گهٽ حصو رکي ٿو، 2022ع ۾ سخت ٻوڏ جي لپيٽ ۾ آيو، جنهن ۾ 30 ارب ڊالرن جو نقصان ٿيو پر عالمي برادري مدد بدران قرضن کي ٻيهر ترتيب ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي. وفاقي وزير زور ڀريندي چيو ته هي ڪو جمهوريت يا انصاف ناهي پر طاقتور ملڪن جو هڪ اهڙو نظام آهي جيڪو دنيا ۾ استحصالي نظام کي وڌيڪ هٿي ڏئي رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته اڄ پاڻ لبرل جمهوريت جي ڳڙهه سمجهيا ويندا ملڪ به سخت سياسي معاشي بحران، عدم استحڪام ۽ عدم برداشت جو شڪار ٿي چڪا آهن، جنهن سان اهو ثابت ٿيو آهي ته هي نظام پنهنجي اصل بنيادن تي ناڪام ٿي چڪو آهي. احسن اقبال آڪسفورڊ يونين ۾ پنهنجي دليل جي طاقت، تاريخي حوالن ۽ زميني حقيقتن تي ٻَڌل ڳالهه ذريعي تقريب ۾ موجود ماڻهن کي قائل ڪري ورتو، جنهن جو ثبوت 180 جي ڀيٽ ۾ 145 ووٽن سان ان جي ڪاميابي جي صورت ۾ سامهون آيو. آڪسفورڊ يونين جهڙي علمي ۽ سخت سوالن جي روايت رکندڙ فورم تي ڪاميابي حاصل ڪرڻ ڪنهن به عالمي اڳواڻ لاءِ هڪ وڏو چئلينج هوندو آهي پر رٿابندي واري وزير پنهنجي مهارت، حقيقتن تي ٻَڌل دليلن ۽ ڳالهين ذريعي اها ڪاميابي حاصل ڪئي، جيڪا پاڪستان ۽ عالمي ڏکڻ لاءِ هڪ اهم سفارتي ۽ فڪري ڪاميابي آهي. احسن اقبال جي ان ڪاميابيءَ کيس هڪ اهڙي عالمي اڳواڻ طور مستحڪم ڪيو آهي جيڪو نه صرف اُسرندڙ ملڪن جي حقن لاءِ سڀ کان مضبوط وڪيل آهي، پر عالمي نظام ۾ حقيقي سڌارن لاءِ هڪ طاقتور آواز پڻ آهي، ان جو اهو خطاب عالمي پاليسي سازن، تحقيقي ادارن ۽ دانشورن وچ ۾ هڪ نئين بحث کي جنم ڏئي چڪو آهي ته دنيا ۾ انصاف تي ٻَڌل معاشي، سياسي ۽ ماحولياتي نظام ڪيئن قائم ڪري سگهجي. وفاقي وزير هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ڪري ڇڏيو ته هو عالمي سطح تي جمهوريت، برابري ۽ انصاف جو علمبردار آهي. آڪسفورڊ يونين ۾ ان جي ڪاميابي صرف هڪ مباحثي جي ڪاميابي ناهي پر هڪ نئين عالمي بيانيي جي قيام جو بنياد آهي، جنهن ۾ عالمي ڏکڻ کي برابريءَ جا حق ۽ خودمختياري ڏني وڃي.











