اسلام آباد-31 جنوري (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ڪي پي ڪي جي مختلف علائقن ۾ خوارجي دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشنز تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي. ڪالهه پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير چيو ته پاڪستان جي بهادر سيڪيورٽي فورسز هڪ ڀيرو ٻيهر ڪامياب آپريشن ڪري خوارجي دهشتگردن جا ناپاڪ اِرادا مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيا. سيڪيورٽي فورسز وقت سر آپريشن ڪري 10 خوارجي …
محسن نقوي پاران ڪي پي ڪي جي مختلف علائقن ۾ خوارجي دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشنز تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد-31 جنوري (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ڪي پي ڪي جي مختلف علائقن ۾ خوارجي دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشنز تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي. ڪالهه پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير چيو ته پاڪستان جي بهادر سيڪيورٽي فورسز هڪ ڀيرو ٻيهر ڪامياب آپريشن ڪري خوارجي دهشتگردن جا ناپاڪ اِرادا مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيا. سيڪيورٽي فورسز وقت سر آپريشن ڪري 10 خوارجي دهشتگردن کي عبرتناڪ انجام تائين پهچايو. محسن نقوي 10 خوارجي دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي شاباش ڏني. هن چيو ته ڪي پي ڪي ۾ امن جي قيام لاءِ سيڪيورٽي فورسز جا قدم ساراهه جوڳا آهن. خوارجي دهشتگرد ڌرتيءَ تي بار آهن ۽ قوم جي حمايت سان انهن جو مڪمل خاتمو آڻينداسين. قوم دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي. سيڪيورٽي فورسز خوارجي دهشتگردن خلاف نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن.











