سيڪيورٽي فورسز جا ڪي پي ڪي جي مختلف علائقن ۾ آپريشنز، 10 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي-31 جنوري (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز جا ڪي پي ڪي جي مختلف علائقن ۾ آپريشنز دوران 10 دهشتگرد ماريا ويا. آءِ ايس پي آر موجب 30 ۽ 31 جنوري جي رات ڪي پي ڪي ۾ سيڪيورٽي فورسز مختلف آپريشنز ڪيا. خوارجين جي موجودگي جي اطلاع تي سيڪيورٽي فورسز ڊيرا اسماعيل خان جي علائقي ڪلاچي ۾ ڳجهي اطلاع جي بنياد تي آپريشن ڪيو. آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز خوارجين جي ٺڪاڻن …

راولپنڊي-31 جنوري (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز جا ڪي پي ڪي جي مختلف علائقن ۾ آپريشنز دوران 10 دهشتگرد ماريا ويا. آءِ ايس پي آر موجب 30 ۽ 31 جنوري جي رات ڪي پي ڪي ۾ سيڪيورٽي فورسز مختلف آپريشنز ڪيا. خوارجين جي موجودگي جي اطلاع تي سيڪيورٽي فورسز ڊيرا اسماعيل خان جي علائقي ڪلاچي ۾ ڳجهي اطلاع جي بنياد تي آپريشن ڪيو. آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز خوارجين جي ٺڪاڻن کي مؤثر طريقي سان نشانو بڻايو، جنهن جي نتيجي ۾ 4 خوارجي دهشتگرد مارجي ويا. اُتر وزيرستان جي مختلف علائقن دته خيل، حشن خيل، غلام خان ۽ مير علي ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ خوارجين وچ ۾ 4 مختلف جهڙپن ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي. جنهن جي نتيجي ۾ 6 خوارجي مارجي ويا. مارجي ويل خوارجين وٽان هٿيار ۽ گوله بارود هٿ آيو، جيڪي سيڪيورٽي فورسز ۽ معصوم شهرين خلاف دهشتگرديءَ جي ڪيترن ئي ڪاررواين ۾ ملوث هئا. علائقي ۾ وڌيڪ خوارجي جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگرديءَ جي ناسُور کي مڪمل ختم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي.

مزید خبریں