اسلام آباد – 31 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪلاچي ضلعي ڊيره اسماعيل خان ۽ ضلعي وزيرستان ۾ فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي خلاف مختلف ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم انهن آپريشنز ۾ 10 خوارجي دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي ساراهيو ۽ چيو آهي ته پوري قوم دهشتگردن …
وزيراعظم پاران مختلف ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد – 31 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪلاچي ضلعي ڊيره اسماعيل خان ۽ ضلعي وزيرستان ۾ فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي خلاف مختلف ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم انهن آپريشنز ۾ 10 خوارجي دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي ساراهيو ۽ چيو آهي ته پوري قوم دهشتگردن جي خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي، اسان ملڪ مان هر قسم جي دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ پرعزم آهيون.











