اسلام آباد – 30 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان اسرائيل ۽ گڏيل قومن جي فلسطيني پناهگيرن بابت ريليف اينڊ ورڪس ايجنسي (يو اين آر ڊبليو اي) جي وچ ۾ 1967ع جي معاهدي سان اسرائيلي دستبرداري ۽ ايجنسي جي غزه جي ماڻهن کي انساني امداد فراهم ڪرڻ جي پنهنجي مينڊيٽ کي پورو ڪرڻ جي صلاحيت ۾ رڪاوٽ وجهڻ جي مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان پريس …
پاڪستان پاران اسرائيلي قدمن جي مذمت

مزید خبریں
اسلام آباد – 30 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان اسرائيل ۽ گڏيل قومن جي فلسطيني پناهگيرن بابت ريليف اينڊ ورڪس ايجنسي (يو اين آر ڊبليو اي) جي وچ ۾ 1967ع جي معاهدي سان اسرائيلي دستبرداري ۽ ايجنسي جي غزه جي ماڻهن کي انساني امداد فراهم ڪرڻ جي پنهنجي مينڊيٽ کي پورو ڪرڻ جي صلاحيت ۾ رڪاوٽ وجهڻ جي مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان پريس بريفنگ ۾ چيو ته اها پابندي غزه ۾ وڌيڪ عدم استحڪام ۽ انساني صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪرڻ جو سبب بڻجندي ڇو ته علائقي ۽ ان جي ماڻهن کي انساني امداد جي سخت ضرورت آهي. ترجمان چيو ته پاڪستان اولهندي ڪناري ۾ جاري اسرائيلي جارحيت جي مذمت ڪري ٿو، اولهندي ڪناري جي جنين ۽ بلاته پناهگير ڪئمپن ۾ اسرائيلي فوج جو تازو حملو مذمت جوڳو قدم آهي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ 2 سالن جي ننڍڙي ٻار جي شهادت سان گڏوگڏ ڪيترائي ٻيا فلسطيني پڻ شهيد ۽ زخمي ٿيا آهن. هن چيو ته اسان عالمي برادري کان مطالبو ڪريون ٿا ته اها بيگناهه فلسطينين جي خلاف اسرائيل جي مسلسل ڏاڍ جي ڪاررواين تي پنهنجي خاموشي ٽوڙي. هن چيو ته پاڪستان کي ڏکڻ لبنان مان اسرائيلي فوج جي انخلا کان انڪار تي پڻ ڳڻتي آهي ۽ اسان ڇهن عورتن سميت 24 شهرين جي قتل جي مذمت ڪريون ٿا. ترجمان چيو ته اها ڳالهه ڳڻتي جوڳي آهي ته 27 نومبر کان جنگبندي جي باوجود ڏکڻ لبنان ۾ اسرائيل پاران قتل عام جو سلسلو جاري آهي.











