تل ابيب-15 جنوري(اي پي پي ) اسرائيل جي داخلي سلامتي جي وزير ۽ انتها پسند يهودي جماعت جي سربراهه ايتماربين گوير وزيراعظم نيتن ياهو کي ڌمڪي ڏني آهي ته جيڪڏهن هن غزه ۾ جنگ بندي جو معاهدو ڪيو ته هو حڪومت کان ڌار ٿي ويندو. پرڏيهي ميڊيا موجب هن گذريل ڏينهن سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي چيو ته اسان وٽ اهو آخري موقعو آهي ته اسان غزه جنگ دوران مارجي ويل 400 کان وڌيڪ اسرائيلي فوجين جي موت کي جنگ بندي ڪري ضايع نه ڪيون. واضح رهي ته ناڻي وارو وزير بزليل سموٽريچ به ڪنهن به جنگ بندي معاهدي کي اسرائيل لاءِ تباهي قرار ڏنو آهي ۽ ان جي ٻئي ڏينهن اسرائيل جي گهرو سلامتي واري وزير ايتماربين گوير جنگ بندي معاهدي جي صورت ۾ حڪومت کان ڌار ٿيڻ جي ڌمڪي ڏني آهي.