سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو شاعر گدا خاصخيلي سدائين لاءِ سنڌ کان موڪلاڻي ڪري ويو

ڪراچي -30 سيپٽمبر (اي پي پي) “اسان جي سيني تي ويھي آرام فرمايو، اسان جو سينو ڀٽائي جي صحن، جھڙو آ" سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو شاعر گدا خاصخيلي سدائين لاءِ سنڌ کان موڪلاڻي ڪري ويو، گدا خاصخيلي ڪيتري ئي وقت کان بيمار هو ۽ هُن نوشهروفيروز جي اسپتال ۾ پنهنجُون اکيُون سدائين لاءِ بند ڪيُون، جنهن کي سندس اباڻي شهر نوان جتوئي ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، نامياري شاعر …

ڪراچي -30 سيپٽمبر (اي پي پي) “اسان جي سيني تي ويھي آرام فرمايو، اسان جو سينو ڀٽائي جي صحن، جھڙو آ” سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو شاعر گدا خاصخيلي سدائين لاءِ سنڌ کان موڪلاڻي ڪري ويو، گدا خاصخيلي ڪيتري ئي وقت کان بيمار هو ۽ هُن نوشهروفيروز جي اسپتال ۾ پنهنجُون اکيُون سدائين لاءِ بند ڪيُون، جنهن کي سندس اباڻي شهر نوان جتوئي ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، نامياري شاعر گدا خاصخيلي جو پورو نالو گدا حسين ولد رمز علي خاصخيلي هو. گدا خاصخيلي 1950ع ۾ مورو لڳ ڳوٺ سائين بخش خاصخيلي ۾ جنم ورتو، گدا خاصخيلي جي شاعري جو ڪتاب "امن منھنجو ترانو آ” جي نالي سان ڇپيل آھي، جڏھن ته سندس هڪ ڪتاب جيتري شاعري اڃان اڻ ڇپيل آهي. گدا خاصخيلي شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري جي سُرن بابت پڻ مقالا لکيا آهن جيڪي سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري پاران ڇپيل آهن. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، مشهور شاعر گدا حسين خاصخيلي جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. جاري تعزيتي پيغام ۾ هن چيو ته عوامي شاعر گدا حسين خاصخيلي جي لاڏاڻي تي تمام گهڻو ڏک پهتو. گدا حسين خاصخيلي جون فني ۽ ادبي خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون، الله پاڪ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئرن کي صبر عطا فرمائي.

مزید خبریں