سنڌ جي وڏي وزير جي صدارت ۾ اجلاس، برساتن ۽ ٻوڏ سبب ڪراچي ۾ برساتن سبب متاثر ٿيل روڊن جي بحالي لاءِ ڏيڍ ارب رپين جي منظوري، حيدرآباد ۽ سکر ڊويزن ۾ رستن کي پهتل نقصانن جو ڪاٿو لڳائڻ جي هدايت، ڪراچي ۾ رستا ٽٽڻ جي معاملي جي جانچ جو حڪم

ڪراچي-18 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه برساتن ۽ ٻوڏ سبب ڪراچي ۾ برساتن سبب متاثر ٿيل روڊن جي بحالي لاءِ ڏيڍ ارب رپين جي منظوري ڏيندي حيدرآباد ۽ سکر ڊويزن ۾ اکڙيل روڊن جي بحالي جو ڪم فوري طور تي شروع ڪرڻ لاءِ منصوبا بندي ۽ ترقي ۽ ورڪس وارن وزيرن کي نقصانن جو ڪاٿو لڳائڻ جي هدايت ڪندي ڪراچي ۾ رستا ٽٽڻ …

ڪراچي-18 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه برساتن ۽ ٻوڏ سبب ڪراچي ۾ برساتن سبب متاثر ٿيل روڊن جي بحالي لاءِ ڏيڍ ارب رپين جي منظوري ڏيندي حيدرآباد ۽ سکر ڊويزن ۾ اکڙيل روڊن جي بحالي جو ڪم فوري طور تي شروع ڪرڻ لاءِ منصوبا بندي ۽ ترقي ۽ ورڪس وارن وزيرن کي نقصانن جو ڪاٿو لڳائڻ جي هدايت ڪندي ڪراچي ۾ رستا ٽٽڻ جي معاملي جي جانچ جو حڪم ڏنو آهي. سي ايم ھائوس ۾ سنڌ ۾ برساتن سبب رستن جي نقصان جو جائزو ۽ مرمتي ڪم جي منظوري لاءِ ٿيل اهم اجلاس جي وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته هاڻوڪين برساتن ۽ ٻوڏ سبب حيدرآباد ڊويزن ۾ 3 هزار 545 ڪلو ميٽر تائين 219 روڊ ۽ سکر ڊويزن ۾ 124 ڪلو ميٽر تائين 178 روڊ ٽٽي ويا آهن. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته 2024ع جي برساتن سبب حيدرآباد ڊويزن ۾ 3هزار 544.39 ڪلو ميٽر جا 219 روڊ ۽ سکر ڊويزن ۾ 319 ڪلو ميٽرن جا 27 روڊ خراب ٿيا آهن جنهن ۾ روڊ جي فرش کي نقصان پهچڻ، ڪنارن جي ڊهي وڃڻ، پلن ۽ ڪلورٽس جا نقصان شامل آهن. ان موقعي تي وڏي وزير ورڪس اينڊ سروسز ڊپارٽمنٽ جي وزير حاجي علي حسن زرداري ۽ منصوبا بندي ۽ ترقيات واري وزير ناصر حسين شاهه کي نقصانن جو ڪاٿو لڳائي فوري طور تي بحالي جو ڪم شروع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي، جڏهن ته ڪراچي ۾ برساتن سبب متاثر ٿيل روڊن جي بحالي لاءِ ڏيڍ ارب رپين جي منظوري ڏيندي بلديات کاتي کي 2022ع کان پوءِ ٺهيل روڊن جي ٽٽڻ جي جانچ جو حڪم ڏيندي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه، بلديات واري وزير سعيد غني کي هدايت ڪئي ته 2022ع کانپوءِ تعمير يا مرمت ٿيل روڊ ڪيئن ٽٽي ويا ان جي جانچ ڪئي وڃي غير معياري ڪم ڪندڙ ذميوارن کي انجام تائين پهچائڻ ضروري آهي.

ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب وڏي وزير کي ٻڌايو ته 2024ع جي برساتن سبب هڪ ڪروڙ 78 لک 60 هزار 5 سئو اسڪوائر فوٽ روڊ خراب ٿي ويا آهن جن مان ضلعي ڏکڻ جا 9 لک 9 هزار 5 سئو اسڪوائر فوٽ، ضلعي اوڀر جا 7 لک 95 هزار اسڪوائر فوٽ ، ضلعي سينٽرل جا 8 لک 32 هزار اسڪوائر فوٽ، ضلعي اولهه جا 1ڪروڙ 37 لک 50 هزار اسڪوائر فوٽ، ڪورنگي جا 55 لک 55 هزار اسڪوائر فوٽ، جڏهن ته ضلعي ملير جا 6 لک 50 هزار اسڪوائر فوٽ روڊ شامل آهن. 3 لک 95 هزار اسڪوائر فوٽ فلاءِ اور ۽ پلون به خراب ٿيون آهن. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته ڪراچي جي 120 روڊن، فلاءِ اوورز ۽ پُلن کي مرمت جي ضرورت آهن جن ۾ ضلعي ڊکڻ جا 20 روڊ، اوڀر جا 20، سينٽرل جا 7، اولهه جا 38، ڪورنگي جا 11، ملير جا 12 روڊ ۽ 10 فلاءِ اوورز شامل آهن. ميئر چيو ته ٽٽل روڊن، پلن ۽ فلاءِ اوورز جي مرمت لاءِ ڏيڍ ارب روپين جي ضرورت آهي. وڏي وزير رقم منظور ڪندي هدايت ڪئي ته ڪم معياري ڪيو وڃي. ميئر ڪراچي وڏي وزير کي ٻڌايو ته ڪلڪ پروگرام تحت 6 وڏا منصوبا شروع ڪيا پيا وڃن، جن ۾ ضلعي ملير ۾ خالد بن وليد روڊ جي ريلوي لائن تي فلاءِ اوور جي تعمير، ابراهيم حيدري ۾ ناصرجمپ ڏانهن ويندڙ مهرالنسا روڊ جي تعمير، اورنگي ۾ باب خيبر کان 4 نمبر روڊ جي بحالي، نارٿ ناظم آباد ۾ خواجا اجمير نگري چورنگي کان منگهوپير ڊاڊيڪس فيڪٽري واري روڊ ۽ سيوريج نظام جي تعمير، ضلعي اولهه ۾ ڪيپٽن ڪرنال شيرخان شهيد فٽبال اسٽيڊيم ۽ اسپورٽس ڪامپليڪس جي تعمير ۽ ملير ۾ شهزاد فٽبال اسٽيڊيم جي تعمير شامل آهن. اجلاس ۾ منصوبا بندي ۽ ترقيات واري وزير ناصر حسين شاهه، بلديات واري وزير سعيد غني، ورڪس واري وزير حاجي علي حسن زرداري، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ‏ وهاب، چيئرمين پلاننگ اينڊ ڊولپمنٽ نجم شاهه، سيڪريٽري فنانس فياض جتوئي، سيڪريٽري ورڪس محمد علي کوسو، بلديات واري سيڪريٽري خالد حيدر شاهه، سيڪريٽري ميونسپل ڪارپوريشن ڪراچي افضل زيدي ۽ اسپيشل فنانس سيڪريٽري ناصر ميمڻ شرڪت ڪئي.

مزید خبریں