حيدرآباد-18 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو سنڌ حيدرآباد پاران جاري ڪيل هڪ پڌرائي ۾ زميندارن ۽ ليز تي زرعي زمين پوکيندڙ آبادگارن کي ڄاڻ ڏني وئي آهي ته اهڙا سمورا زرعي زمين جا مالڪ، آبادگار يا ليز تي زرعي زمين پوکيندڙ آبادگار جن جي نيٽ زرعي آمدني ساليانو 12 لک آهي ۽ 50 ايڪڙ يا وڌيڪ نهري زرعي زمين 100 ايڪڙ يا ان کان وڌيڪ غير …
سنڌ ۾ ساليانو 12 لک آمدني وارن آبادگارن کي 30 سيپٽمبر تائين زرعي گوشوارن جو انڪم فارم”اي“ ڀري لاڳاپيل اسسٽنٽ ڪمشنر وٽ جمع ڪرائڻ جي هدايت

مزید خبریں
حيدرآباد-18 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو سنڌ حيدرآباد پاران جاري ڪيل هڪ پڌرائي ۾ زميندارن ۽ ليز تي زرعي زمين پوکيندڙ آبادگارن کي ڄاڻ ڏني وئي آهي ته اهڙا سمورا زرعي زمين جا مالڪ، آبادگار يا ليز تي زرعي زمين پوکيندڙ آبادگار جن جي نيٽ زرعي آمدني ساليانو 12 لک آهي ۽ 50 ايڪڙ يا وڌيڪ نهري زرعي زمين 100 ايڪڙ يا ان کان وڌيڪ غير نهري زرعي زمين آهي، اهي سال 23-2022ع جو رٽرن ايگريڪلچر انڪم فارم”اي“ ڀري پنهنجي لاڳاپيل تعلقي جي اسسٽنٽ ڪمشنر جي آفيس ۾ 30 سيپٽمبر 2024ع تائين جمع ڪرائين. آمدني ۽ زرعي زمين بابت تفصيلات جمع نه ڪرائيندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.











