اسلام آباد – 25 – جولائي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته حڪومت شفاف طريقي سان نيوز انڊسٽري جي 1.6 ارب رپين جون رهتون ادا ڪيون، ماضي ۾ پسند ناپسند جي بنياد تي چينلز جا اشتهار بند ڪيا ويندا هئا، هن وقت پاڪستان ۾ ڪنهن به چينل جا اشتهار بند ناهن ڪيا ويا، سمورن ٽي وي چينلز کي …
حڪومت شفاف طريقي سان نيوز انڊسٽري جي 1.6 ارب رپين جون رهتون ادا ڪيون، ماضي ۾ پسند ناپسند جي بنياد تي چينلز جا اشتهار بند ڪيا ويندا هئا، هن وقت پاڪستان ۾ ڪنهن به چينل جا اشتهار بند ناهن ڪيا ويا، سمورن ٽي وي چينلز کي ريٽنگ موجب اشتهار جاري ڪيا وڃن ٿا: عطاءُ الله تارڙ

مزید خبریں
اسلام آباد – 25 – جولائي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته حڪومت شفاف طريقي سان نيوز انڊسٽري جي 1.6 ارب رپين جون رهتون ادا ڪيون، ماضي ۾ پسند ناپسند جي بنياد تي چينلز جا اشتهار بند ڪيا ويندا هئا، هن وقت پاڪستان ۾ ڪنهن به چينل جا اشتهار بند ناهن ڪيا ويا، سمورن ٽي وي چينلز کي ريٽنگ موجب اشتهار جاري ڪيا وڃن ٿا. اها ڳالهه هن پارليامينٽ هائوس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ ان جي ادارن جي ڪارڪردگي بابت بريفنگ جي لاءِ قومي اسيمبلي جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ بريفنگ ڏيندي چئي. اجلاس جي صدارت قومي اسيمبلي ميمبر پُلين بلوچ ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير ڪميٽي کي ٻڌايو ته وزارت پرائيويٽ ميڊيا ادارن جي وزارت ڏانهن اشتهارن جي رهتن جي ادائيگي کي يقيني بڻايو آهي جنهن جي ڪري ميڊيا ورڪرز کي پگهارن جي ادائيگي ۾ آساني ٿي آهي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ ڊمي اخبارون به تمام وڏو مسئلو آهن، اهڙيون ڊمي اخبارون رڳو اشتهارن جي لاءِ شايع ٿين ٿيون، اسان جي ڪوشش آهي ته تصديق ٿيل اخبارن کي اشتهار جاري ڪيا وڃن. هن چيو ته تازي بجيٽ ۾ نيوز پرنٽ پيپر تي 10 سيڪڙو ٽيڪس هڻڻ جي تجويز هئي جيڪا اسان نه لڳڻ ڏني، نيوز پرنٽ جي لاءِ ڪاغذ ٻاهرئين ملڪ مان درآمد ڪئي وڃي ٿو، جيڪڏهن ان تي 10 سيڪڙو ٽيڪس هنيو وڃي ته اخبارون وڌيڪ معاشي مشڪلاتن جو شڪار ٿي وڃن ها. هن چيو ته اسان اخباري صنعت کي وڌيڪ سهولت فراهم ڪنداسين. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزارت رولز آف بزنس 1973ع تحت ڏنل ذميوارين کي خوش اسلوبي سان سرانجام ڏنو آهي ۽ سمورن ادارن جي ڪارڪردگي اطمينان جوڳي آهي. هن چيو ته پي ٽي وي جي نئين سر تنظيم سازي مختلف انتظامي قدمن جي ذريعي ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته سرڪاري ٽيليويزن تي ملڪ ۾ سمورين سياسي قوتن جي موجودگي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ادارتي پاليسي تي پڻ نظرثاني ڪئي وئي آهي. هن چيو ته پي ٽي وي اسپورٽس تان پي ٽي وي جي آمدني ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو، اسان پي ٽي وي اسپورٽس جو روينيو ڊبل ڪري ڏيکاريو آهي. هن چيو ته ماضي ۾ پي ٽي وي جا ڊراما پوري دنيا ۾ ڏٺا ويندا هئا، پي ٽي وي جي ماضي جا ڊراما اڄ به مقبول آهن، هن وقت پي ٽي وي ۾ ڊرامن کي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پي ٽي وي ۾ تفريح کي ايندڙ وقت ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ۾ آڻينداسين. هن چيو ته پي ٽي وي ۾ انٽرٽينمينٽ جي پروگرامن سميت پي ٽي وي نيوز ۾ پڻ بهتري آڻي سگهجي ٿي. ڪميٽي جي ميمبرن پي ٽي وي ۾ پروڊڪشن سهولتن جي بحالي تي زور ڏنو جنهن کي ماضي ۾ سڄي دنيا ۾ ساراهيو ويو هو. اطلاعات واري وفاقي وزير ڪميٽي کي ٻڌايو ته هڪ سينٽر فار ڊيجيٽل ڪميونيڪشن (سي ڊي سي) قائم ڪيو پيو وڃي جيڪو سوشل ميڊيا تي پبلڪ سيڪٽر جي سرگرمين جي تشهير جا فرض سرانجام ڏيندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اطلاعات واري سيڪريٽري شاهيره شاهد جو ٿورائتو آهيان هن وزارت ۾ سڌارن جي لاءِ تمام اهم ڪردار ادا ڪيو. هڪ سوال جي جواب ۾ عطاءُ الله تارڙ چيو ته اطلاعات واري وزارت جا آفيسر ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني سفارتخانن ۾ پڻ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. اطلاعات واري وزارت جي ايڪسٽرنل پبلسٽي ونگ جي حوالي سان وفاقي وزير چيو ته ايڪسٽرنل پبلسٽي ونگ نه رڳو فارن پبلي ڪيشنز کي ڊيل ڪري ٿو پر ٻاهرئين ملڪ پاڪستان جي سافٽ اميج جي لاءِ پڻ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. ڪميٽي ميمبرن ٻاهرئين ملڪ مقرر اطلاعات واري وزارت جي آفيسرن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ جو مطالبو ڪيو. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اليڪٽرانڪ ميڊيا ورڪرز کي ويج بورڊ ايوارڊ جي دائري ۾ آڻڻ جي لاءِ نيوز پيپرز ايمپلائيز (ڪنڊيشنز آف سروس) ايڪٽ 1973ع ۾ ترميمون تجويزون ڪيون پيون وڃن. هن وڌيڪ چيو ته شاليمار رڪارڊنگ ڪمپني جي نجڪاري تي سنجيدگي سان غور ڪيو پيو وڃي ڇو ته اها ڪمپني مسلسل خساري ۾ هئي. اسٽينڊنگ ڪميٽي کي سينٽر فار ڊيجيٽل ڪميونيڪشن بابت آگاهه ڪندي اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد چيو ته سوشل ميڊيا جي وسيع پئماني تي موجودگي کي نظر ۾ رکندي حڪومتي پاليسين ۽ قدمن کي صحيح طريقي سان پيش ڪرڻ، جعلي خبرن ۽ ملڪ جي سالميت ۽ خودمختياري جي خلاف پروپئگنڊه جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ ڊيجيٽل ڪميونيڪشن سينٽر قائم ڪيو پيو وڃي. ڪميٽي کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته پاڪستان ٽيليويزن (پي ٽي وي)، پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن (پي بي سي) ۽ شاليمار رڪارڊنگ اينڊ براڊ ڪاسٽنگ ڪمپني (ايس آر بي سي) ۾ هن وقت عارضي انتظامن تحت وزارت جي آفيسرن کي بطور سربراهه مقرر ڪيو ويو آهي. اسٽينڊنگ ڪميٽي کي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جنرل ۽ پي آءِ او مبشر حسين پي آءِ ڊي بابت بريفنگ ڏني. مبشر حسن چيو ته شهرين کي موضوعن تي تصديق ٿيل معلومات فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪم جاري رکيو آهي. اسان ڊيجيٽل ميڊيا جي ذريعي به عوام تائين معلومات جي فراهمي کي يقيني بڻايون ٿا. هن چيو ته پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ جا پوري ملڪ ۾ 858 ملازم ڪم ڪري رهيا آهن. پي آءِ ڊي جو هيڊڪوارٽرز اسلام آباد ۾ آهي ان لاءِ هتي ملازمن جو انگ وڌيڪ آهي. هن چيو ته شفاف اسڪرين ٽيسٽ کانپوءِ ڀرتي ڪئي وڃي ٿي. اسان جا رپورٽرز ناهن هوندا پي آر او هوندا آهن جيڪي ذميواراڻي اسٽوري فراهم ڪن ٿا. هن چيو ته اسان عوام جا جذبا حڪومت کي موڪليون ٿا. ڪميٽي جي ميمبر وقاص اڪرم شيخ چيو ته توهان هنن ڏينهن ۾ عوام جا ڪهڙي قسم جا جذبا سرڪار تائين پهچايا آهن جنهن تي مبشر حسن چيو ته اسان اهي رجحان حڪومت کي پهچايون ٿا جيڪي حقيقتن تي ٻڌل هجن. اسان جو هڪ شعبو پلس اينالسز يونٽ آهي اهو عوام جي رجحانن تي رپورٽ تيار ڪري ٿو. وزيراعظم ميڊيا خاص طور تي اخبارن تي وڌيڪ ڌيان ڏي ٿو. وزيراعظم ميڊيا تان ملندڙ راءِ تي پڻ ڌيان ڏي ٿو. هن چيو ته حڪومت جي ڪميونيڪشن ۽ ترقياتي ڪمن جي مشهُوري ۽ اشتهاري مهم پڻ هلايون ٿا، ان ۾ ڪو سياسي رخ شامل نه آهي اها نج عوامي دلچسپي تي ٻڌل هوندي آهي. هن چيو ته گذريل 5 سالن ۾ پاڪستان حڪومت 10 ارب رپيا پبلڪ نوٽيس ۽ اشتهارن تي جاري ڪيا آهن. گذريل ٽن مهينن جا خرچ ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪيا ويندا. هن چيو ته اشتهاري مهمن جي سافٽ ويئرز جي ذريعي مانيٽرنگ ڪئي وڃي ٿي. اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ پي آءِ او مبشر حسن جي والد جي لاڏاڻي تي مغفرت جي دعا پڻ ڪرائي وئي. اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين ۽ ڪميٽي ميمبرن پي آءِ او مبشر حسن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته توهان جي والد جي لاڏاڻي جو ٻڌي افسوس ٿيو. اسٽينڊنگ ڪميٽي فيصلو ڪيو ته پي ٽي وي جي ڪارڪردگي بابت خصوصي بريفنگ ڏني ويندي جنهن ۾ اداري کي مالياتي طور تي پاڻڀرو بڻائڻ تي غور ڪيو ويندو. ڪميٽي حڪومت جي اشتهارن جي پاليسي ۽ اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا تي پبلڪ سيڪٽر جا اشتهار ڏيڻ جي بنياد تي خصوصي بريفنگ وٺڻ جو پڻ فيصلو ڪيو. ڪميٽي ريڊيو پاڪستان جي اڻوڻندڙ حالتن جي باوجود پنهنجا فرض بهتر طريقي سان سرانجام ڏيڻ تي انتظاميا کي ساراهيو. اسٽينڊنگ ڪميٽي اطلاعات واري وزارت ماتحت ميڊيا ادارن جي مستقل سربراهن جي مقرري جي لاءِ باقاعده عمل شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، ڪميٽي ميمبرن محمد حنيف عباسي، نديم عباس، ڪرن عمران ڊار، آسيه ناز تنولي، مهتاب اڪبر راشدي، سحر ڪامران، سيد امين الحق، محمد مقداد علي خان، عمر فاروق، وقاص اڪرم شيخ، راڻا محمد فراز نون، محمد معظم علي خان، اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي وفاقي سيڪريٽري، اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري، پي آءِ او، پي آءِ ڊي، ڊي جي پي بي سي ۽ لاڳاپيل ادارن جي آفيسرن شرڪت ڪئي.










