اسلام آباد – 23 – جولائي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سرڪاري نوڪرين ۾ اقليتن جي ڪوٽا وڌائڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته وفاقي حڪومت کي سرڪاري نوڪرين ۾ اقليتن جي ڪوٽا وڌائڻ لاءِ لکندس، پاڪستان ۾ رهندڙ اقليتي برادري کي به برابري جا حق حاصل آهن، اقليتي برادري ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهي ڇو ته هي ڌرتي ۽ مٽيءَ انهن …
صدر پاران سرڪاري نوڪرين ۾ اقليتن جي ڪوٽا وڌائڻ تي زور، وفاقي حڪومت کي سرڪاري نوڪرين ۾ اقليتن جي ڪوٽا وڌائڻ لاءِ لکندس، پاڪستان ۾ رهندڙ اقليتي برادري کي به برابري جا حق حاصل آهن، اقليتي برادري ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهي ڇو ته هي ڌرتي ۽ مٽيءَ انهن جي به ايتري آهي جيتري اسان جي آهي، سياست سان لاڳاپيل معاملن تي مايوس نه ٿين، هر سماج ۾ ڪجهه مسئلا ٿيندا آهن: آصف علي زرداري

مزید خبریں
اسلام آباد – 23 – جولائي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سرڪاري نوڪرين ۾ اقليتن جي ڪوٽا وڌائڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته وفاقي حڪومت کي سرڪاري نوڪرين ۾ اقليتن جي ڪوٽا وڌائڻ لاءِ لکندس، پاڪستان ۾ رهندڙ اقليتي برادري کي به برابري جا حق حاصل آهن، اقليتي برادري ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهي ڇو ته هي ڌرتي ۽ مٽيءَ انهن جي به ايتري آهي جيتري اسان جي آهي، سياست سان لاڳاپيل معاملن تي مايوس نه ٿين، هر سماج ۾ ڪجهه مسئلا ٿيندا آهن. ايوان صدر ۾ ڪرسچن ميريج (ترميمي) ايڪٽ 2024 تي صحيحن کانپوءِ تقريب کي خطاب ڪندي صدر آصف علي زرداري چيو ته هو اقليتن لاءِ پوليس، ايف آءِ اي سميت مختلف کاتن ۾ نوڪرين جي ڪوٽا وڌائڻ لاءِ وفاقي حڪومت کي لکندس، ۽ ان حوالي سان ضرور حڪومت کي لکندس ۽ ان بابت پڇندس، هن چيو ته هر کاتي ۾ اقليتن لاءِ ڪوٽا هجڻ گهرجي. صدر چيو ته ملڪ جي سمورن شهرين کي برابري جا حق حاصل آهن ۽ اقليتن تي زور ڏنو ته اهي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهن ڇو ته هي ڌرتي ۽ مٽيءَ انهن جي به آهي جيترو اسان جي آهي. هن کين اهو به مشورو ڏنو ته سياست سان لاڳاپيل ڪجهه معاملن تي مايوس نه ٿين ڇو ته هر سماج ۾ ڪجهه مسئلا ٿي سگهن ٿا، صدر آصف علي زرداري چيو ته پيپلز پارٽي ملڪ لاءِ قربانيون ڏنيون آهن، سندن اڳواڻن ۽ ڪارڪنن عوام لاءِ جانيون ڏنيون. تقريب ۾ مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، مذهبي معاملن واري وزارت جي سيڪريٽري، آفيسرن ۽ مسيحي برادري جي نمائندن شرڪت ڪئي. ترميمي ايڪٽ 2024ع تحت عيسائي برادري سان تعلق رکندڙ جوڙن جي شادي جي عمر وڌائي 18 سال ڪئي وئي آهي جيڪا اڳ ۾ عيسائي مردن جي لاءِ 16 سال ۽ عورتن جي لاءِ 13 سال هئي.










