ڪولمبو-30 آگسٽ (اي پي پي) ايشيا ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ اڄ خميس تي وڌيڪ هڪ ميچ کيڏي ويندي جنهن ۾ ميزبان سريلنڪا ۽ بنگلاديش جون ٽيمون پاليڪيلي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم پاليڪيلي گرائونڊ تي کيڏنديون. ميچ ڊي اينڊ نائيٽ هوندي ۽ پاڪستان جي معياري وقت مطابق ڏينهن جو ٻه لڳي 30 منٽن تي شروع ٿيندي. بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم جو آل رائونڊر شقيب الحسن ٽيم جي قيادت ڪري رهيو آهي، جڏهن ته …
بنگلاديش ۽ ميزبان سريلنڪا وچ ۾ ايشيا ڪپ ٽورنامينٽ جي ٻي ميچ اڄ کيڏي ويندي

مزید خبریں
ڪولمبو-30 آگسٽ (اي پي پي) ايشيا ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ اڄ خميس تي وڌيڪ هڪ ميچ کيڏي ويندي جنهن ۾ ميزبان سريلنڪا ۽ بنگلاديش جون ٽيمون پاليڪيلي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم پاليڪيلي گرائونڊ تي کيڏنديون. ميچ ڊي اينڊ نائيٽ هوندي ۽ پاڪستان جي معياري وقت مطابق ڏينهن جو ٻه لڳي 30 منٽن تي شروع ٿيندي. بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم جو آل رائونڊر شقيب الحسن ٽيم جي قيادت ڪري رهيو آهي، جڏهن ته سريلنڪا جي ٽيم جي اڳواڻي داسن شانا ڪاليڊ ڪري رهيو آهي. ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي انتظام هيٺ ايشيا ڪپ 2023ع جي دلچسپ مقابلن جو سلسلو اربع کان شروع ٿي ويو آهي جنهن جي ميزباني پاڪستان ۽ سريلينڪا ڪري رهيا آهن. ٽورنامينٽ جي پهرين ميچ پاڪستان ۽ نيپال وچ ۾ کيڏي ويئي جڏهن ته گروپ بي جي ٽيمن ۾ بنگلاديش ۽ سريلنڪا جون ٽيمون اڄ خميس تي پاليڪيلي ۾ آمهون سامهون ٿينديون.










