ٽرينيڊا_03 آگسٽ(اي پي پي ) ويسٽ انڊيز ۽ ڀارت جي ٽيمن وچ ۾ پنجن ميچن تي مشتمل سيريز جي پهرين ٽي 20 انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ميچ(اڄ) جمعي تي برائن لارا اسٽيڊيم ، تاروبا، ٽرينيڊا ۾ کيڏي ويندي، ان کان اڳ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ کيڏيل ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ڀارتي ٽيم ميزبان ويسٽ انڊيز کان 1_0 تان کٽي هئي، جڏهن ته ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز پڻ ڀارت 2_1 تان کٽي هئي، ڀارتي ٽيم اڄڪلهه ويسٽ انڊيز ۾ موجود آهي ۽ پنهنجي ويسٽ انڊيز جي دوري دوران ميزبان ٽيم خلاف ٻن ٽيسٽ ۽ ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز کيڏي چڪي آهي،ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پنجن ٽي 20 ميچن جي سيريز جي شروعات (اڄ) جمعي کان ٿيندي، ٻي ميچ 06 آگسٽ، ٽئين 08 آگسٽ تي گيانا ، چوٿين ميچ 12 آگسٽ تي فلوريڊا جڏهن ته پنجين ۽ آخري ٽي 20 ميچ 13 آگسٽ تي فلوريڊا ۾ کيڏي ويندي.