اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته موسمياتي تبديلي جي ڪري بحرانن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، انهن چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قرض وٺڻا پون ٿا، اهو شيطاني چڪر آهي جنهن مان نڪرڻ جي ضرورت آهي، وڏين ڪوششن کانپوءِ آءِ ايم ايف کان قرض مليو آهي جنهن ۾ دوست ملڪن ڀرپور مدد ڪئي، موسمياتي تبديلي موت جي ڦندو آهي ۽ ان مان نڪرڻ جي ضرورت آهي، مستقبل ۾ موسمياتي تبديلي جي نقصانن کان بچڻ جي لاءِ اهم فيصلا ڪرڻا پوندا، تازي ٻوڏ سان پاڪستان ۾ فصل، چوپائي مال ۽ انفراسٽرڪچر کي شديد نقصان پهتو، پاڪستان جهڙو اسرندڙ ملڪ اهڙن نقصانن کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي، مشڪل وقت ۾ دوست ملڪن ڀرپور مدد ڪئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان جي ماحولياتي سفر تي اڳڀرائي ۽ جائزي بابت تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته گذريل سال موسمياتي تبديلي جي ڪري پاڪستان ۾ شديد ٻوڏ آئي جنهن سان وڏي پئماني تي پاڪستان جي زرخيز زمين بنجي ٿي وئي، بيٺل فصل کي نقصان پهتو، لکين گهرن کي نقصان پهتو. هن چيو ته سوات واديءَ ۾ درياءَ جي ڪناري قائم هوٽل مڪمل طور تي لُڙهي وئي، سنڌ ۾ برساتن تباهي مچائي ڇڏي، پنهنجي زندگي ۾ ان کان وڌيڪ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ نه ڏٺي، پرڏيهي ڊونرز ۽ دوستن ان مشڪل گهڙيءَ ۾ ڀرپور مدد ڪئي، حڪومت لاڳاپيل ڌرين سان گڏجي ٽيم ورڪ سان ڪم ڪيو، اسان ٻوڏ سٽيلن جي بحالي لاءِ اربين رپيا خرچ ڪيا جڏهن ته اڃا تائين انهن جي بحالي جو عمل جاري آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جو ڪاربن جي اخراج ۾ حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي، شرم الشيخ ۾ ڪانفرنس دوران بهترين سفارتڪاري جي ڪري لاس اينڊ ڊيميج فنڊ قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، پاڪستان جهڙن ملڪن جن جو ڪاربان خارج ڪرڻ ۾ حصو تمام گهٽ آهي انهن جو ڪهڙو ڏوهه آهي، انهن کي موسمياتي تبديلي جي ڪري بحرانن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو ۽ ڪيترائي سال ان جا اثر ڀوڳڻا پون ٿا. هن چيو ته اسان کي انهن چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قرض وٺڻا پون ٿا، اهو شيطاني چڪر آهي جنهن مان نڪرڻ جي ضرورت آهي، ان اميد تي ته ائين ٻيهر نه ٿيندو اسان کي پنهنجو ڪم نه روڪڻ گهرجي. هن چيو ته اسان کي وڏين ڪوششن کانپوءِ آءِ ايم ايف کان قرض مليو جنهن ۾ دوست ملڪن ڀرپور مدد ڪئي. هن چيو ته موسمياتي تبديلي جي خلاف پاڪستان جهڙن اسرندڙ ملڪن جو ساٿ ڏيڻ جي ضرورت آهي، اهو موت جي ڦندو آهي ۽ ان مان نڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اسان جي روانگي واپار آمدني واپار ۾ وڏو فرق آهي، ان چئلينج کي منهن ڏيڻ آسان نه آهي، اسان کي اهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اضافي ناڻي جي ضرورت آهي، اسان کي ان سوال جو جواب ڳولڻ جي ضرورت آهي، اسان کي موسمياتي تبديلي جي معاملي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ٺوس تجويزون ڏيڻيون پونديون ۽ پوءِ انهن تي جيئن جو تيئن عمل ڪيو وڃي. هن چيو ته تازي ٻوڏ دوران ڊونر ۽ دوست ملڪن جي ڀرپور ۽ وقت سر مدد تي انهن جو ٿورائتو آهيان، شرم الشيخ ڪانفرنس، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سميت ٻين فورم تي شاندار ماحولياتي سفارتڪاري تي شيري رحمان مبارڪباد جي مستحق آهي. وزيراعظم چيو ته اسان کي پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان جي مفاد ۾ منصوبا ٺاهڻ ۽ سخت محنت جي ضرورت آهي، اهڙيون قدرتي آفتون ٻين ملڪن ۾ اچن ٿيون، پاڪستان موسمياتي صورتحال کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ شامل آهي، اسان وانگر انهن ملڪن ۾ پنهنجي غلطين سان نقصان نه ٿو ٿئي، اسان کي چئلينج کي قبول ۽ وقت ضايع ڪرڻ نه گهرجي، پنهنجي قوم ۽ نوجوان نسل کي اهڙين قدرتي آفتن جي نقصانن کان بچائڻ گهرجي.