اسلام آباد – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عالم اسلام ۽ پوري دنيا کي رحمتن جي مهيني ربيع الاول شروع ٿيڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته خاتم النبين حضرت محمد ﷺ جي ولادت پوري انسانيت جي لاءِ دنيا ۽ آخرت جي ڪاميابي جو ذريعو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اچو وچن ڪريون ته هن مهيني نبوي ﷺ جي سيرت جو مطالعو ۽ ان تي عمل ڪري پاڻ کي قيامت جي ڏينهن حضور ﷺ جي شفاعت جي قابل بڻائينداسين.