
اسلام آباد – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آڊيو ليڪ جي معاملي جي جاچ جي لاءِ اعليٰ اختياراتي ڪميٽي قائم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته اهو سيڪيورٽي تمام وڏو سواليه نشان ۽ وزيراعظم هائوس جي ئي نه پر مُلڪي وقار جو معاملو آهي، عمران نيازي ملڪ جي وجود جي لاءِ تمام وڏو خطرو آهي جنهن پاڪ فوج سميت ادارن کي ورهائڻ جي ڪڌي ڪوشش ڪئي، پي ٽي آءِ پارليامينٽ ۾ واپس اچي ٿي ته اچي وڃي، حڪومت ۾ اچڻ تي اسان کي ڪو پڇتاءُ نه آهي، عام چونڊون وقت تي ٿينديون، ڊاڪٽرز جيئن ئي اجازت ڏني نواز شريف وطن واپس اچي ويندو، مريم نواز پنهنجي ناٺيءَ جي لاءِ ڪا سفارش نه ڪئي، شنگهائي تعاون تنظيم ۽ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس دوران ملاقاتن ۾ پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ نقصانن، اسلامو فوبيا جي نقشي، ڪشمير مسئلي، فلسطين ۽ ڀارتي ظلمن کي اجاگر ڪيو، آرمي چيف جي مقرري بابت فيصلو آئين ۽ قانون موجب ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير شيري رحمان ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پڻ موجود هيون. وزيراعظم چيو ته آڊيو ليڪ هڪ سنجيده معاملو آهي، اهو وزيراعظم هائوس جو ئي نه پاڪستان جي وقار جو معاملو آهي ۽ سيڪيورٽي تي تمام وڏو سواليه نشان آهي، ان جو نوٽيس وٺي رهيو آهيان ۽ جاچ جي لاءِ اعليٰ سطحي اختياراتي ڪميٽي قائم ڪري رهيو آهيان ته جيئن حقيقتون سامهون اچي سگهن، معاملي جي تهه تائين وينداسين. وزيراعظم چيو ته ثمرقند ۾ شنگهائي تعاون تنظيم ۾ شريڪ ملڪن جي سربراهن سان حوصلي جوڳيون ملاقاتون ٿيون، ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن کي ٻوڏ سان ٿيندڙ نقصانن بابت آگاهه ڪيو، موسمياتي تبديلي جي ڪري ايندڙ ٻوڏ ۾ پاڪستان جو ڪو ڪردار نه آهي، عالمي سطح تي ڪاربن گيسن جي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي، ٻوڏ سان ملڪ ۾ جيڪا تباهي ٿي آهي ان جو تاريخ ۾ مثال نه ٿو ملي. ان موقعي تي ازبڪستان، چين، روس، ايران ۽ وچ ايشيائي ملڪن جي اڳواڻن ٻوڏ سان ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان تي پاڪستان سان تعزيت جو اظهار ۽ همدردي ڪئي ۽ تعاون جي مڪمل خاطري ڪرائي، ان سلسلي ۾ مالي معاونت ۽ سامان جي شڪل ۾ امداد پڻ فراهم ڪئي پئي وڃي. وزيراعظم چيو ته نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي دنيا جي اڳواڻن سان اسان جون ملاقاتون ٿيون ۽ انهن کي پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ جي تباهين بابت آگاهه ڪيو، ٻوڏ جي ڪري 1600 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، فصل تباهه ٿي ويا آهن، لکين گهر ۽ ماڻهن جي جمع پونجي تباهه ٿي وئي آهي، قصان جو اندازو اٽڪل 30 ارب ڊالر آهي، آمريڪي صدر ملاقات ۾ پاڪستان سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ اسان امداد تي سندس ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ خطاب دوران هن ٻوڏ سان ٿيندڙ نقصانن سان گڏوگڏ اسلامو فوبيا جي فتني، ڪشمير، فلسطين مسئلي ۽ ڀارت ۾ مسلمانن تي ٿيندڙ ظلم ۽ ڏاڍ کي اجاگر ڪيو ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام تي ٿيندڙ ظلمن بابت شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو. هن چيو ته نيويارڪ جي دوري ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، وفاقي وزير خواجه آصف، مريم اورنگزيب، شيري رحمان، احسن اقبال، پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر، وزيراعظم جي صلاحڪار احمد چيما ۽ پرڏيهي سيڪريٽري جي پڻ معاونت رهي. وزيراعظم چيو ته اتحادي حڪومت جي اڻٿڪ ڪوششن سان پاڪستان عالمي اڪيلائپ مان نڪري آيو آهي، بدقسمتي سان گذريل دور ۾ ملڪ جي پرڏيهي پاليسي جو حُليو بگاڙيو ويو هو ۽ دوست ملڪن سان لاڳاپن کي خراب ڪيو ويو ۽ انهن کي ناراض ڪيو ويو، ڪجهه ملڪن جي سربراهن گذريل حڪومت بابت جيڪي لفظ ادا ڪيا انهن کي ورجائي نه ٿو سگهجي، گذريل دور ۾ توهين واري انداز ۽ سفارتي عدم احترام سان پرڏيهي پاليسي ناڪام ٿي، ان سان ملڪ کي تمام گهڻو نقصان ٿيو، اسان جو دين اسان کي عاجزي ۽ احترام ڪرڻ جو درس ڏي ٿو، اڳوڻي حڪومت ملڪي معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيو، محنت ۽ گڏيل احترام سان ئي اڳتي وڌي سگهجي ٿو، الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان پاڪستان هڪ ائٽمي طاقت آهي ۽ ڪو به پاڪستان طرف ميري اک سان ڏسي نه ٿو سگهي، اسان ٽڪرو ٽڪرو جوڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. وزيراعظم چيو ته هن برطانيا حڪومت جي دعوت تي ملڪه برطانيا جي آخري رسمن ۾ شرڪت ڪئي، برطانيا جي بادشاهه شاهه چارلس سان ملاقات ۾ هن پاڪستان جي عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو، ٻنهي ملڪن جي دوستي جو سٺن لفظن ۾ ذڪر ڪيو ۽ ٻوڏ سان ٿيندڙ نقصانن تي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو، برطانيا ٻوڏ متاثرين جي لاءِ 15 ملين پائونڊ جو اعلان ڪيو آهي، ان تي انهن جا ٿورا مڃيا، لنڊن ۾ موجوده برطانوي وزيراعظم سميت برطانيا جي اڳوڻي وزيراعظم بورس جانسن ۽ ٻين اعليٰ برطانوي شخصيتن سان ملاقاتون ٿيون. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته عوام ۽ پارٽي قائد نواز شريف جي اعتماد سان هو ٽيون ڀيرو پنجاب جو وڏو وزير چونڊيو پر بطور وڏي وزير ۽ وزيراعظم سمورن ٻاهرئين دورن جا خرچ پنهنجي کيسي مان ادا ڪيا آهن، مون سان گڏ وزيرن جي اڪثريت به خرچ پنهنجي کيسي مان ادا ڪندي رهي آهي. هن چيو ته ٻوڏ متاثرين جي مدد جي حوالي سان عالمي ڊونرز ڪانفرنس جي لاءِ ڀرپور تياري جاري آهي، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاڪستان جي دوري ۽ جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ اسان جي جذبن جي مڪمل ترجماني ڪئي، فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون ۽ دنيا جي ٻين اڳواڻن ٻوڏ متاثرين سان ڀرپور همدردي جو اظهار ڪيو ۽ چيو آهي ته پاڪستان کي اڪيلو نه ڇڏينداسين. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته مريمنواز قطعي طور پنهنجي ناٺيءَ راحيل جي ڪا سفارش ناهي ڪئي، ڊاڪٽر توقير شاهه مون کي چيو ته هن اڌ مشينري پي ٽي آءِ دور ۾ ڀارت مان گهرائي هئي، باقي اڌ مشينري گهرائڻ جو معاملو اي سي سي ۽ ڪابينا اجلاس ۾ ويندو، مون ڊاڪٽر توقير کي چيو ته جيئن ته اهو ڀارت سان معاملو آهي ۽ 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت جيڪو قدم کنيو ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جيڪو ظلم ۽ ڏاڍ قائم ڪيو ان جي لاءِ ان معاملي تي پنهنجي ڌيءَ مريم نواز کي پاڻ ٻڌائيندس، ٻڌايو مون ڇا غلط ڪم ڪيو؟ ڇا منهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ ڪا 5 قيراط هيري جي ڳالهه هئي؟ جنهن هيري، جواهرن ۽ قيمتي آڱوٺيون ورتيون ان تي ڪير ڳالهه نه ٿو ڪري، عمران نيازي 190 ملين پائونڊ ۾ تحفا ڏئي ڇڏيا ۽ ان جي بدلي ۾ زمين ورتي وئي، جيڪو ڪم قانوني طريقي سان به ٿي سگهيو پئي، اهو اسان نه ڪيو، ماضي ۾ مخالف ڌر جي خلاف ڪوڙا ڪيس ٺاهيا ويا، ان حوالي سان ايف آءِ اي جي اڳوڻي سربراهه بشير ميمڻ جو بيان رڪارڊ تي آهي جنهن کي گهرائي ڪيس ٺاهڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي، عمران نيازي جي دور ۾ قوم جي اثاثن کي بيدردي سان وڪرو ڪيو ويو، توشه خانه ڪيس ۾ عمران نيازي جي ڦرلٽ سڀني جي سامهون آهي، اهن تحفا توشه خانه ۾ جمع ڪرائڻ کانسواءِ ئي مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪري ڇڏيا، عمران نيازي جو اهو قدم قانون سان تمام وڏو مذاق آهي، آڊيو ليڪس آڻڻي آهي ته عمران پنهنجي دور جي شگر اسڪينڊل جي سامهون آڻي، 52 رپيا في ڪلو واري کنڊ عمران دور ۾ هڪدم 100 رپيا في ڪلو ڪيئن ٿي، اهو اربين رپين جو اسڪينڊل آهي، عمران خان ڪميشن ٺاهڻ جو اعلان ڪيو هو پوءِ ان جو ڇا ٿيو، ڪڻڪ برآمد ڪري ناقص ڪڻڪ درآمد ڪئي وئي، ان وقت نيب ڪٿي هئي، واريءَ جو پهاڙ بڻائي ڇڏڻ بلڪل مناسب نه آهي. وزيراعظم چيو ته پشاور ميٽرو ۽ بلين ٽري منصوبي ۾ اربين رپيا کاڌا ويا ان تي ڪير ڳالهه نه ٿو ڪري؟ عدليه جو مذاق اڏايو ويو، اڳوڻي حڪومت آءِ ايم ايف سان معاهدي جون ڌڄيون اڏايون، عمران دور ۾ معيشت کي ڄاڻي واڻي خراب ۽ آءِ ايم ايف معاهدي کي سبوتاز ڪيو ويو، نيويارڪ ۾ آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سان ملاقات دوران مون کيس چيو ته ٻوڏ جي ڪري شرطون پوريون ڪرڻ اسان جي لاءِ ممڪن نه هوندو. وزيراعظم چيو ته عمران نيازي پاڪستان کي سريلنڪا وانگر ڏيوالپڻو ڪرڻ چاهيو پئي، منهنجي خلاف لنڊن ۾ ٻه سال برطانيا جي نيشنل ڪرائيم ايجنسي (اين سي اي) جاچ ڪئي، جاچ ۾ الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان سرخرو ٿيس، عمران نيازي ته خيرات جو پئسو سياست ۾ استعمال ڪري ڇڏيو، عمران کان وڌيڪ ڪوڙو، بدنيت ۽ محسن ڪش شخص دنيا ۾ ڪو نه هوندو، هر غلط ڪم پاڻ ڪندو رهيو ۽ الزام مخالف ڌر تي هڻندو رهي، پوڻا چار سال رياستي طاقت جي استعمال جي باوجود ڪنهن هڪ ڪيس کي به ثابت نه ڪيو ويو، روس جي صدر پيوٽن سان ملاقات ۾ پاڪستان جي زرعي شعبي جي ترقي ۽ واپار جي فروغ تي ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم چيو ته اسان کي ڪڻڪ ان لاءِ درآمد ڪرڻي پئجي رهي آهي ته اڳوڻي حڪومت آبادگارن کي ڀاڻ فراهم نه ڪئي هئي جنهن جي ڪري پيداوار گهٽ ٿي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته بي اعتمادي جو هڪ قانوني ۽ آئيني طريقيڪار آهي، موجوده حڪومت کي مجبوري ۾ بجلي جي قيمت وڌائڻي پئي پر فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ ۾ 300 يونٽس تائين ريليف ڏنو ويو آهي، اڳوڻي حڪومت مارچ ۾ اوچتو تيل جي قيمت ۾ گهٽتائي ڪري ڇڏي جنهن جي ڪري موجوده حڪومت تي مالي بار پيو آهي، عمران نيازي پنهنجي دور ۾ ڏينهن رات قوم سان ڪوڙ ڳالهايو، اڳوڻي دور ۾ مون 190 ملين پائونڊ جو بند لفافو بنا بحث جي ڪابينا مان منظور ڪرايو ويو، اهڙي طرح ته هي شخص خدانخواسته ائٽمي اثاثن جو به سودو ڪري سگهيو پئي، عمران نيازي پاڪ فوج سميت ادارن کي ورڇ ڪرڻ جي ڪڌي ڪوشش ڪئي، پاڪ فوج جي شهيدن جي خلاف گهٽيا مهم هلائي وئي، معاشري ۾ اهڙو زهر وڌو ويو آهي جنهن جا نتيجا قوم جي آڏو آهن، عمران نيازي مون تي الزام لڳائڻ کان اڳ آئيني ۾ پنهنجو چهرو ڏسي وٺندو ڪري، عمران نيازي پنهنجي ڀيڻ کي ايف بي آر مان اين آر او ڏياريو، عمران نيازي پاڪستان جي وجود لاءِ تمام وڏو خطرو آهي، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب بردباري ۽ وقار سان پي ٽي آءِ جي حامين جا طعنيٰ برداشت ڪيا. هن چيو ته پي ٽي آءِ پارليامينٽ مان پاڻ استعيفائون ڏنيون آهن، واپس اچي ٿي ته اچي وڃي. هن چيو ته نواز شريف اسان جي پارٽي جو قائد آهي، ان سان ملاقات ۽ پاليسين تي خيالن جي ي وٺ ڪئي، لاهور ۾ گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي کي سياست جي ور چاڙهڻ جي قدم جي سخت مذمت ڪريون ٿا، اهو ناقابل معافي آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته روس جي صدر پيوٽن سان ملاقات کانپوءِ مبينا سائفر جي حقيقت کلي سامهون اچي وئي آهي، وڌيڪ ڪنهن جانچ جي ڪهڙي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته اسان سياست بدران رياست کي بچائڻ کي ترجيح ڏني، عمران نيازي کي ملڪ کي ڏيوالپڻو ڪري ڇڏڻو هو. هن چيو ته مفتاح اسماعيل اسان جي پارٽي جو انتهائي قابل احترام اڳواڻ آهي، هن ناڻي واري وزير طور اڻٿڪ محنت سان ملڪ کي ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچايو، اسحاق ڊار وڏو محنتي ۽ ايماندار سياستدان ۽ قابل شخص آهي ۽ مالياتي معاملن جو ماهر آهي، هو صورتحال کي بهتر بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته اٽي جي قيمت مقرر ڪرڻ صوبائي معاملو آهي، پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ سخت محنت ڪري رهيا آهيون، پيٽرول جي قيمت ۾ ڏيڍ رپيا اضافو ٿيو آهي، دنيا ۾ تيل جون قيمتون گهٽ ٿيون آهن ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ان جا اثر سامهون ايندا، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ذريعي وفاقي حڪومت ٻوڏ متاثرين کي 70 ارب رپين جي مالي امداد ڏئي رهي آهي، ڊالر جي قيمت وڌيڪ هيٺ ايندي ته حالتون بهتر ٿينديون، عمران نيازي ته پوڻا چار سال ۾ هڪ رپئي جي سبسڊي نه ڏني ۽ نه ئي نوڪرين جو جيڪو واعدو ڪيو هو اهو پورو ڪيو ويو، اسان ملڪي ترقي جي لاءِ ڀرپور جذبي سان پرعزم آهيون، معاشي محاذ تي اسان کي هنگامي صورتحال درپيش آهي، اتحادي حڪومت پوري محنت ڪري رهي آهي، معيشت کي ٺيڪ ڪنداسين ۽ ملڪي حالت سڌارينداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته حڪومت ۾ اچڻ تي ڪو پڇتاءُ نه آهي ۽ نه ئي حڪومت کي ڪو خطرو آهي، عام چونڊون پنهنجي وقت تي ٿينديون، اڄ به ٻوڏ متاثر ضلعي دادو جو دورو ڪيو آهي اتي ٻوڏ سان تمام گهڻي تباهي ٿي آهي، عمران نيازي کي ته ٻوڏ متاثرين وٽ وڃڻ جي توفيق نه ٿي، قوم جي ڀلائي جي لاءِ گهرڻو پيو ته 10 ڀيرا گهرندس، اڄ جي سموري بگاڙ جو سبب نيب نيازي ڳٺ جوڙ آهي. هن چيو ته ڊاڪٽرن جيئن ئي اجازت ڏني منهنجو قائد نواز شريف وطن ايندو.