APP09-25 MIR PUR: September 25 - Special Assistant to the Prime Minister on Information and Broadcasting, Dr. Firdous Ashiq Awan talking to media alongwith Lieutenant General, Muhammad Afzal, Chairman National Disaster Management Authority (NDMA) at Mir Pur, Azad Jammu & Kashmir. APP

ميرپور – 25 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان کي آزاد ڪشمير جي زلزلي ۾ ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان جي تفصيلي رپورٽ اڄ ئي موڪلي ويندي، نقصانن جو جائزو ايس ڊي ايم اي جي سروي ۾ ورتو ويندو، سمورن متاثرن جنهن جو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي حڪومت پاڪستان انهن جي آبادڪاري ۽ بحالي لاءِ هر ممڪن سهولتون فراهم ڪندي. هو ميرپور جي علائقي جاتلان ۾ اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل سان گڏ ميڊيا کي بريفنگ ڏئي رهي هئي.