APP35-12 ISLAMABAD: June 12 - President Dr. Arif Alvi addressing the launching ceremony of National Academy of Higher Education. APP

اسلام آباد – 12 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي معياري تعليم جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته انساني سرمائي جي موثر استعمال سان بهتر قابل عمل معيشت سازي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهجي ٿو. نيشنل اڪيڊمي آف هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جي افتتاح جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي صدر چيو ته جن ملڪن شاندار ترقي ڪئي آهي اهي ان حقيقت کان آگاهه آهن ته آخرڪار تعليم سان ئي ترقي ۽ غربت جي خاتمي جا هدف حاصل ڪري سگهن ٿا.