اسلام آباد – 12 جون (اي پي پي) وزيراعظم آفيس وزيراعظم عمران خان جي نالي تي ايف آءِ اي ۾ انسپيڪٽر جي ڀرتي لاءِ ليٽر هيڊ تي جعلي سفارشي خط لکڻ جو نوٽيس وٺندي وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) کي ان معاملي جي جاچ جي هدايت ڪئي آهي.