اسلام آباد – 25 جون (اي پي پي) صدر ممنون حسين ترڪيءَ جي صدر رجب طيب اردوان کي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران صدارتي ۽ پارلياماني چونڊن ۾ شاندار ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب صدر ان ڳالهه تي زور ڏو ته پارلياماني ۽ صدارتي چونڊن جو پرامن منعقد ٿيڻ ۽ وڏي انگ ۾ ووٽ وجهڻ سان ترڪيءَ جي جمهوري قدرن ۽ ادارن جي مضبوطي ۽ فعاليت جي عڪاسي ٿئي ٿي.