ڪيپ ٽائون – 22 فيبروري (اي پي پي) آءِ سي سي وومينز ٽي-20 ورلڊ ڪپ پڄاڻي واري مرحلي ۾ داخل ٿي ويو آهي. ميگا ايونٽ جو سيمي فائينل لائين اپ مڪمل ٿي ويو آهي. دفاعي چيمپيئن آسٽريليا، ڀارت، انگلينڊ ۽ ميزبان ڏکڻ آفريقا جون ٽيمون ٽاپ فور رائونڊ ۾ پهچي ويون آهن. انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي ) جي انتظام هيٺ وومينز ٽي-20 ورلڊڪپ جي اٺين ايڊيشن ۾ دلچسپ مقابلن جو سلسلو پنهنجي عروج تي پهچي چڪو آهي، عالمي ڪپ ۾ اڄ خميس تي پهريون سيمي فائينل ميچ کيڏيو ويندو جنهن ۾ دفاعي چيمپيئن آسٽريليا ۽ ڀارت جي ٽيمن وچ ۾ مقابلو ٿيندو. جڏهن ته ٻيو سيمي فائينل ميچ 24 فيبروري تي برطانيه ۽ ڏکڻ آفريقا جي ٽيمن وچ ۾ کيڏيو ويندو. آسٽريلوي وومين ٽيم ٽائيٽل جي دفاع لاءِ ڪوشش ڪري رهي آهي. وومينز ٽي-20 ورلڊڪپ 2023ع جي فائينل ميچ 26 فيبروري تي شيڊيول آهي جڏهن ته 27 فيبروري تي فائينل جو رزرو ڊي هوندو.