پشاور – 18 جون (اي پي پي) مسلم ليگ(ن) جي مرڪزي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر دانيال عزيز چيو آهي ته خيبرپختونخوا حڪومت بلدياتي ناظمن کي سياسي مفلوج ڪري ڇڏيو آهي. پشاور پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته واويلا ڪري صوبائي حڪومت عوام کي دوکو ڏنو اهي ۽ 30 سيڪڙو ترقياتي فنڊ جو جيڪو نعرو هنيو ويو هو ان مان ا اڳ ۾ 50 سيڪڙو ۽ بعد ۾ جاري ڪيل فنڊ به انهن کان واپس ورتو ويو، اهڙي طرح ويلج ۽ نيبر هوڊ ڪائونسل جي ناظمن جا 75 سيڪڙو فنڊ ڪٽيا ويا، عمران خان ٻڌائي ته احتساب ڪميشن ڪٿي آهي؟ جيستائين منهنجي ڄاڻ آهي، ان کي ته تالا لڳل آهن.